جمعرات، 15 اکتوبر 2026
بریکنگ

چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ

سنڌي خبرون 04th Feb 2026 498 مناظر
چوٽياريون واقعو، ناري عدالت ۾ پيش، جوابدار تي جنسي زيادتي ۽ بدترين تشدد ڪرڻ بابت بيان رڪارڊ
چوٽياريون واقعو، پوليس متاثر ناري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو پوليس ناري کي 164تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو الزام هيٺ آيل جوابدار وزير راڄڙ کي به پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو متاثر ناري جو چون هو ته 20۽21 جنوري تي وزير راڄڙ پسٽل جي زور تي گهر ۾ گهڙي زبردستي باغ واري زمين تي کڻي ويو جوابدار مون سان زبردستي جنسي زيادتي ڪئي ۽ بعد ۾ منهنجي چهري تي بليڊ سان جهير ڏنا جوابدار تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبان تي به ڪٽ لڳايو، بعد ۾ موٽرسائيڪل تي ويهاري گهر ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويو جي آءِ ٽي ميمبر زڪريا ڪوريجو موجب جي آءِ ٽي ڪيس جي سمورن قانوني رخن کي نظر ۾ رکي جاچ ڪري رهي آهي قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ بعد ڪيس جو مڪمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ