ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

اسٽيل ملز ملازمن جي بحاليءَ واري اپيل ٻن سالن بعد رد

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 9 مناظر
اسٽيل ملز ملازمن جي بحاليءَ واري اپيل ٻن سالن بعد رد

سنڌ ليبر اپيليٽ ٽربيونل ڪراچيءَ پاران ڌڻي بخش سمون ۽ ياسين چامڙو جي اپيل رد ڪئي وئي

​ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذيلي ونگ پيپلز ليبر بيورو ضلعي ملير جي صدر ڌڻي بخش سمون ۽ انصاف مزدور يونين جي صدر ياسين ڄامڙو سنڌ ليبر اپيليٽ ٽربيونل ڪراچيءَ پاران پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ٿيل ملازمن جي بحاليءَ واري اپيل رد ٿيڻ تي ڏک ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ​ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته اسٽيل ملز انتظاميه 2020ع ۾ ملازمن کي فارغ ڪرڻ لاءِ هڪ پٽيشن داخل ڪئي هئي جيڪا منظور ٿيڻ بعد 2025ع ۾ ملازمن کي برطرف ڪيو ويو هوان فيصلي خلاف ان ئي سال مزدور اڳواڻ ياسين جامڙو اپيليٽ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ بعد ۾ ٻيا مزدور اڳواڻ به ڌر طور شامل ٿيا هئا ان اپيل جو فيصلو گذريل ڏينهن ٻن سالن کانپوءِ آيو آهي جنهن ۾ اپيل کي رد ڪيو ويو آهي ​ان فيصلي تي ڌڻي بخش سمون، ياسين جامڙو، اڪبر نارئيجو ۽ ٻين اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هزارين متاثر ملازم ۽ سندن خاندان اڳ ۾ ئي معاشي طور سخت پريشانين جو شڪار آهن، اهڙي صورتحال ۾ اپيل جو رد ٿيڻ انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. هنن واضح ڪيو ته عدالتن جو احترام پنهنجي جڳهه تي، پر محنت ڪش مزدورن جي مستقبل کي مدنظر رکندي تمام قانوني رستا اختيار ڪيا ويندا ​هنن صدرِ مملڪت آصف علي زرداري، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جي وزيراعظم کان معاملي جو فوري نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته مزدورن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي برطرف ٿيل ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي. هنن اعلان ڪيو ته هو برطرف ٿيل ملازمن جي حقن لاءِ هر آئيني ۽ قانوني جدوجهد ۾ سندن مڪمل ساٿ ڏيندا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ