جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

پ ٽ الف جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا

سنڌي خبرون 15th Oct 2026 24 مناظر
پ ٽ الف جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا

ٺٽو، ميهڙ، ٽنڊو آدم، دوڙ، روهڙي، قبو سعيد خان، باقراڻي ۽ ٻين شهرن ۾ استادن پاران احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) پ ٽ الف جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ٺٽو، ميهڙ، ٽنڊو آدم، دوڙ، روهڙي، قبو سعيد خان، باقراڻي ۽ ٻين شهرن ۾ استادن پاران احتجاج ڪيو ويو، پ ٽ الف ضلعي ٺٽي پاران پرائمري استادن جي جائز مطالبن جي مڃتا سروس اسٽريڪچر ۽ بين بنيادي مطالبن جي مڃتا لاءِ ٺٽي ۾ قائم ٿيل بک هڙتالي ڪئمپ ٻئي ڏينھن تي پڻ پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن محمد شريف تنيو ۽ خير محمد بروھي جي قيادت ۾ جاري رھي، جتي استادن سميت مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن پھچي يڪجھتي جو اظھار ڪيو، ان موقعي تي پ ٽ الف اڳواڻن ضلعي صدر محمد شريف تنيو ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري خير محمد بروھي چيو تہ اسان پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا سروس اسٽريڪچر جي مڪمل ۽ مستقل حل توڙي سندن پهرين ۽ بنيادي ترجيح استادن لاءِ نئين سروس اسٽريڪچر جي بحالي ۽ مرحليوار ترقين جو مستقل جائزو وٺڻ آهي. ھنن چيو تہ سروس اسٽريڪچر جي جاري ٿيڻ سميت پي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استادن کي پروموشن ڏيڻ سميت ٽائيم اسڪيل ۽ پروموشنل پاليسي سالن کان هڪ ئي اسڪيل ۾ فرض سرانجام ڏيندڙ استادن لاءِ ٽائيم اسڪيل ۾ 17,18,19 گريڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ سان گڏ ڪانٽريڪٽ استادن کي پھرين ڏينھن کان پڪو ڪري بنيادي سهولتن ۽ الاؤنسز جو قيام پگهارن ۾ تفاوت ختم ڪري استادن کي ٻين سرڪاري ملازمن وانگر احترام ۽ مالي تحفظ ڏنو وڃي. ھنن چيو تہ استاد ڪنهن به قوم جو معمار هوندا آهن، پر اڄ اها بدقسمتي آهي جو معمارن کي پنهنجي بنيادي حقن ۽ سروس اسٽريڪچر لاءِ روڊن ۽ بک هڙتالن تي ويهڻو پيو آهي. جيڪڏهن حڪومت اسان جي انهن بنيادي مطالبن ۽ بالخصوص سروس اسٽريڪچر جي مسئلي جو فوري نوٽيس نه ورتو ته هي احتجاج صوبائي سطح تي ٻين سخت قدمن تائين وڌايو ويندو. پ ٽ الف ضلعي ٺٽي جي اڳواڻن محمد شريف تنيو ۽ خير محمد بروھي اعليٰ ۽ لاڳاپيل حڪام، وزيراعليٰ ۽ تعليمي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور تي احتجاجي ڪيمپ جو دورو ڪري استادن سان روبرو گفتگو ڪري سندن سروس اسٽريڪچر ۽ ٻين جائز مطالبن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪن، ٻئي صورت ۾ بک هڙتالي ڪيمپ تائين محدود احتجاج کي وڌائي وڏي تحريڪ جي شڪل ۾ آڻي پوري سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪري ڪراچي جو رخ ڪيو ويندو. جيڪو مسئلن جي مڪمل حل تائين ڪراچي ۾ پرامن احتجاج جاري رکيو ويندو.پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ جي ٻين شھرن جيئان ميھڙ ۾ به پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽريءَ اعجاز چانڊيو جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان ٻئي ڏينھن به احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽريءَ اعجاز چانڊيو ، تعلقي صدر اعجاز منگي ، جنرل سيڪريٽريءَ عبدالصمد ٻگھيو ، مطلوب ناريجو ، رضوان مھيسر ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي پرائمري استادن کي سروس اسٽرڪچر نه ٿو ڏنو وڃي ، پي ايس ٽي کان ايڇ ايس ٽي تائين اپگريشن نه ٿو ڪيو وڃي بائيو ميٽرڪ سسٽم ۾ استادن کي ھٿ سان پريشان ڪيو وڃي ٿو ھنن چيو ته پرائمري استادن جون جبري بدليون بند ڪيون وڃن ۽ بدلين وارا اختيار ۽ بائيو ميٽرڪ کي ضلع سطع تي آندو وڃي ھنن چيو ته ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن کي ڪيترائي سال گذري وڃڻ باوجود انھن کي ريگيولر نه پيو ڪيو وڃي جڏھن ته اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن سان به ويساه گهاتي ڪئي وئي آھي ڪيترن ئي سالن کان انھن کي بہ سرڪاري مراعتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، ھوڏانھن پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي روهڙي پريس ڪلب آڏو پرائمري استادن پاران ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري، احتجاج ڪندڙ استادن حڪومت کان پنهنجا جائز مطالبا فوري طور تسليم ڪرڻ جو مطالبو،علامتي بک هڙتال جي اڳواڻي ڪندڙ استادن سيد نياز حسين شاهه، غلام حسين جسڪاڻي ۽ اعجاز احمد شيخ چيو ته پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت جي سڏ تي هو ٻئي ڏينهن به روهڙي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال تي ويٺل آهن. هنن چيو ته پرائمري استادن جا مطالبا جائز آهن، جن کي حڪومت کي هر صورت ۾ تسليم ڪرڻو پوندو. هنن مطالبو ڪيو ته پرائمري استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر، هيلٿ ڪارڊ ۽ ببيسڪ استادن کي هر مهيني باقاعدگي سان پگهار جي ادائيگي سميت سندن مسئلا حل ڪيا وڃن. احتجاج ڪندڙ استادن وڌيڪ چيو ته ٽن ڏينهن تائين سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رهندو. ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ضلعي سطح تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. جيڪڏهن ان باوجود به حڪومت سندن مطالبن کي تسليم نه ڪيو ته ڪراچي ڏانهن لانگ مارچ ڪيو ويندو ۽ وڏي وزير جي رهائشگاهه آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. دوڙ ۾ پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ ٽن بک هڙتال ڪئمپ قائم، احتجاج جاري رکڻ جو اعلان،دوڙ ۾ آل سنڌ پرائمري ٽيچرز ايسوسيئيشن (پ ٽ الف) پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب دوڙ اڳيان ٽن ڏينهن واري بک هڙتال ڪئمپ اڄ ٻئي ڏينهن به قائم ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي، جتي استادن پاران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪئي پئي وڃي. احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته پرائمري استادن کي اڃا تائين سروس اسٽرڪچر نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب استادن ۾ بيچيني پکڙيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته استادن جي سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن.استاد اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايس ٽي، اي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي استادن لاءِ سروس اسٽرڪچر منظور ڪري ان تي عملدرآمد ڪيو وڃي، جڏهن ته پرائمري استادن جي پروموشن جو عمل تيز ڪري ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽين (ڊي پي سيز) جا اجلاس فوري طور ڪوٺايا وڃن.استادن جو چوڻ هو ته بايوميٽرڪ حاضريءَ وارو نظام ۽ چهري جي سڃاڻپ وارو نظام ڪيترين ئي مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته بايوميٽرڪ سسٽم جو جائزو وٺي ان کي بهتر بڻايو وڃي، جڏهن ته فريم ايپ ۾ موڪل جي درخواست ڏيڻ باوجود حاضريءَ جي رڪارڊ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن.استاد اڳواڻن وڌيڪ چيو ته استادن جي بدلين، مقررين ۽ حاضريءَ جي معاملن ۾ شفافيت يقيني بڻائي وڃي، غير منصفاڻي عمل کي ختم ڪيو وڃي ۽ اي پي ٽي رولز موجب ضابطن تي عمل ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته استادن تي بار بار نيون پاليسيون لاڳو ڪرڻ بدران سندن مسئلن جي حل ۽ تعليمي نظام جي بهتريءَ تي ڌيان ڏنو وڃي.استادن واضح ڪيو ته مطالبن جي مڃتا تائين ٽن ڏينهن واري بک هڙتال ڪئمپ ۽ احتجاج جاري رکيو ويندو. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته استادن جا جائز مطالبا تسليم ڪري پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو. پ ٽ الف مرڪز جي سڏ تي پ ٽ الف تعلقي قبوسعيدخان پاران ٽئين ڏينهن به  استادن جي جائز حقن  جي حاصلات ۽ مسئلن جي حل لاءِ جنرل سڪريٽري  خادم حسين بروھي  سينئر نائب صدر عامرحسين مگسي ،  جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب قبو سعيد خان اڳيان  احتجاج ڪيو ويو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پ ٽ الف تعلقي سينئر نائب صدر عامر حسين مگسي ، جنرل سيڪريٽري خادم حسين بروهي، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شهنواز بروهي، آفيس سيڪريٽري سلطان احمد کوسو، خزانچي حسين بخش چانڊيو، بيسڪ ٽيچر صدر عبدالعزيز کوسو ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته استادن جا جائز مسئلا سالن کان حل نه ٿي سگهيا آهن، جنهن سبب استادن ۾ بيچيني پکڙيل آهي هنن چيو ته سنڌ ڪابينا سال 2021ع ۾ استادن جي سروس اسٽرڪچر جي منظوري ڏني هئي، پر ان باوجود پرائمري استادن کي اڃا تائين سروس اسٽرڪچر فراهم نه ڪيو ويو آهي. استادن پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ مختلف وقتن تي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايا آهن، پر هر ڀيري کين رڳو دلاسا ڏنا وڃن ٿا ۽ سندن مسئلن جي عملي طور حل لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا ويا. سنڌ جي ٻين شهرن جيان پ ٽ الف پاران مرڪزي سڏ تي باقراڻي ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، باقراڻي تعلقي جي مختلف اسڪولن جي استادن پاران پريس ڪلب باقراڻي اڳيان علامتي بک هڙتال قائم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پ ٽ الف تعلقي باقراڻي ٽئين ڏينهن به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ علامتي بک هڙتال، سنڌ جي ٻين شهرن جيان پ ٽ الف پاران مرڪزي سڏ تي باقراڻي ۾ به مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو جاري آهي، ان سلسلي ۾ پ ٽ الف تعلقي باقراڻي جي صدر امداد علي منگي، ممتاز علي ڀيو ، سيد وقار شاھ، مهراڻ ابڙو ،نادر علي هليو،مقبول احمد جتوئي،رفيق احمد ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورئمنٽ بوائز پرائمري اسڪول باقراڻي کان پريس ڪلب باقراڻي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب باقراڻي اڳيان علامتي بک هڙتال تي ويهي رهيا،پرائمري اسڪولن جي استادن کي سروس اسٽرڪچر جاري ڪيو وڃي ، انيشئل اپائنمنٽ کان ريگيلر ڪيو وڃي، آءِ بي اي جي رهيل ڏيٽا بيس جاري ڪيو وڃي، بائيو ميٽرڪ نظام ضلعي سطح تي ڪيو وڃي، ٽنڊوآدم ۾ پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻئي ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري ٽنڊوآدم ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ گورنمينٽ سنڌي مين پرائمري اسڪول جي مين گيٽ وٽ   لکاڏنو خاصخيلي، اعجاز علي ڏيرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳل علامتي بک ھڙتال ڪيمپ ٻئي ڏينهن به جاري رهي   جتي استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پرائمري استادن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. حڪومت پينشن ريفارمز نوٽيفڪيشن کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاء تيار ناھي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ٿيل استادن جي سروس مقرر ٿيل تاريخ کان جاري ڪرڻ سميت صحت ڪارڊ، ترقين، گروپ انشورنس سميت استادن جا جائز مطالبا منظور نٿا ڪيا وڃن. ھنن گهر ڪئي ته فوري طور مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو 
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ