جمعہ، 23 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ۾ آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن پاران احتجاج

سنڌي خبرون 23rd Oct 2023 279 مناظر

ٽائون ڪاميٽي ڀريا روڊ جي ملازمن جي حقن لاءِ ٽائون ڪاميٽي جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو

نوشهروفيروز (ڊر) آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ ورڪرز فيڊريشن سنڌ جو ٽائون ڪاميٽي ڀريا روڊ جي ملازمن جي حقن لاءِ ٽائون ڪاميٽي جي گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي آل پاڪستان لوڪل گورنمينٽ فيڊريشن جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري راجه ڪشن، ضلع جنرل سيڪريٽري نويد احمد تڳر، ضلع اڳواڻ منظور ملڪ ۽ ٽائون ڪاميٽي ڀريا روڊ جو اڳواڻ قمر الدين منگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا يونين اڳواڻن ۽ ملازمن سان احتجاج دوران ٽائون چئيرمين امتياز احمد آرائين ٽائون آفيسر عمران علي کنڊ يونين اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيو ويون، ڳالهين ۾ ملازم اڳواڻن چيئرمين ۽ ٽائون آفيسر آڏو ملازمن جا مطالبا رکيا ته ملازمن کي رهيل پگهارون، ڊفرنس بل ۽ رٽائرڊ ملازمن پينشرن کي رهيل پينشن ڏني وڃي، ان موقعي تي ٽائون چيئرمين ۽ ٽي ايم او مطالبا تسليم ڪندي احتجاج ختم ڪرايو ۽ چيو ته واقعي ملازم جا مسئلا جائز هيا جيڪي اسان تسليم ڪيا آھيا اميد ٿا ڪيون ته ملازم شهر ۾ صفائي جو عمل شروع ڪندا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ