جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون جاري، 7 جوابدار گرفتار

سنڌي خبرون 21st Oct 2026 12 مناظر
ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون جاري، 7 جوابدار گرفتار
ٺٽو (شفيق ڀٽي) پوليس ڪارروايون ڪندي 6 منشيات فروش ۽ 1 گٽڪا فروش سميت 7 جوابدار گرفتار ڪري 530 گرام چرس، 97 بيگز ديسي شراب، 200 پڑيون گٽڪو ماوو، هڪ آلٽو ڪار ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي ايس ايڇ او گهوڙاٻاري سب انسپيڪٽر الله وسايو نوحڙي اسٽاف سان گڏ وليج سلطان چانڊيو واٽر ڪورس وٽ ڪارروائي ڪندي عورت منشيات فروش رشيده زال ربنواز عرف ربو چانڊيو کي 530 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو ٻين ڪاررواين ۾ رسول بخش عرف ڪارو جت ۽ غلام حسين جاکرو کي 32 بيگز ديسي شراب سميت گرفتار ڪيو ويو ايس ايڇ او ٺٽو انسپيڪٽر رياض حسين سومرو ڪارروائي ڪندي گٽڪو فروش حق نواز چانڊيو کي 200 گٽڪا ماوا ۽ آلٽو ڪار سميت، جڏهن ته ٽن منشيات فروشن رشيد پالاري، رسول بخش ملاح ۽ محمود ماڇي کي 65 بيگز ديسي شراب سميت گرفتار ڪيو سڀني جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪا ايڪٽ ۽ منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ