ہفتہ، 24 اکتوبر 2026
بریکنگ

ميرپورساڪرو ۾ فوت ٿيل نانگ ڪکيل نينگر واري واقعي خلاف گهار ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 07th May 2023 297 مناظر

گذريل ڏينهن نانگ ڪکيل اصغر ملاح ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو: اڳواڻ

ٺٽو(ڊر) سنڌ ملاح فورم ۽ اميرالبحر گھارو پاران شيخ زيد ميڊيڪل سينٽر ميرپورساڪرو ۾ معصوم نينگر اصغر ملاح جي فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف گهارو شھر ۾ ھڪ احتجاجي مظاهرو ملاح اڳواڻ ڏاڏا محمد آدم گندرو، آڪاش ملاح، علي حسن ملاح، عبدالڪريم الھبخش ميراڻي، شفيع محمد ملاح ۽ بين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ گذريل ڏينهن ميرپور ساڪرو جي اسپتال ۾ نانگ ڏنگيل نينگر اصغر ملاح ڊاڪٽرن جي لاپرواهيءَ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، جنھن ۾ سڌو سنئون ڊاڪٽرن جي لاپرواهي توڙي کين بروقت ايمبولينس نہ ملڻ توڙي مرف انتظاميه جي لاپرواھي سڌي ريت شامل آھي، جن جي لاپرواھي ھڪ جيجل ماء جي جھولي خالي ڪري ڇڏي آھي، ھنن گھر ڪئي تہ ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري معصوم نينگر اصغر ملاح جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ