دنياء فاني ۾ نفسا نفسي واري دور ۾ جتي هرهڪ کي پنهنجي ذاتي مفادن جي لالچ لوڀ ۽ تمنائون خواهشن جي ڀرمار آهي اتي ڪي درويش صفت انسان پڻ آهن جيڪي اقتدار جي هوندي به پنهنجي رب العالمين جي ٻانهن مخلوق خدا جي خدمت کي اولين ترجيح ڏيندا رهن ٿا، هڪ طرف اقتدار هجي هر طرف ٺاٺ باٺ، رنگيون هجن مزا، ميلا متل هجن انهي ميڙ ۾ ڪو پاڻ کي بچائي نڪري ته ضرور اهو نه صرف ٻنهي هٿن جي سلام لائق آهي پر هو انمول انسان باعث صد لائق تحسین آهي، ڪي ماڻهو موتيءَ جا داڻا ٿيندا آهن ۽ انهن کي وسارڻ وس جي ڳالھ نه هوندي آهي۔ 15 جنوري 1902ع تي نوشھرو فيروز ۾ جنم وٺندڙ قاضي فضل الله به انهن مان هڪ هئو۔ پاڻ سنڌ مدرسته الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ان ئي وقت پاڻ خلافت تحريڪ ۾ سرگرم حصو وٺڻ شروع ڪيو. پاڻ 1931 ۾ لاڙڪاڻي ھليو آيو ۽ آخري وقت تائين لاڙڪاڻي ۾ ئي رھيو, جتي 1934 واري لاڙڪاڻي ميونسپل ڪميٽيءَ جي چونڊن ۾ حصو ورتائين. ان وقت نواب امير علي لاھوري پندرھن سالن کان لاڙڪاڻو ميونسپالٽيءَ جو چونڊ وڙندو پئي آيو جتي ڪميٽيءَ جي 27 ميمبرن مان 10 مسلمان ميمبر ھوندا ھيا، جيڪي نواب صاحب جي پسند جا ھيا, ان وقت قاضي فضل الله لاءِ اليڪشن کٽن ھڪ ڏکيو ڪم ھيو پر پاڻ پنهنجي ڏاھپ ۽ سياسي تدبر سان ٻن 2 تڪن تان اليڪشن کٽي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن تي سندس جي سياسي ڪٽر مخالفن به واکاڻ ڪئي, ان کان پوءِ قاضي فضل الله جي دل ۽ سندس بنگلي جا دروازا غريبن لاءِ کلي ويا, پاڻ لاڙڪاڻي جي عوام جي ڏاڍي خدمت ڪيائين. پاڻ عمري ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪيترن ئي ملڪن جو سفر به ڪيائون جن ۾ انڊيا, يونان کان اسڪاٽ لينڊ, ڪينيڊا ۽ آمريڪا شامل آھن. قاضي فضل الله جي سوانح حيات تي سنڌيءَ ۾ مرحوم عڀدالستار ڀٽيءَ ۽ هالا واري ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ تمام سٺو ۽ تفصيل سان لکيو آهي۔ عبدالستار ڀٽيءَ جو ڪتاب ڪيترن دوستن جي نظر مان گذريو هوندو۔ هن تمام بهتر انداز ۾ قاضي فضل الله جي سوانح تي روشني وڌي آهي۔ باقي ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ پنهنجي پي۔ايڇ۔ڊيءَ واري ٿيسز ۾ قاضي فضل الله جي سوانح ۽ سياسي خدمتن بابت اضافي ۽ اهم معلومات ڏني آهي۔ ممتاز بخاريءَ لکيو آهي ته قاضي فضل الله سنڌ مدرسي جو شاگرد ٿي رهيو ۽ انهيءَ تعليمي اداري هن جي نظرياتي ۽ سياسي فڪر کي پروان چاڙهيو۔ سڀني کي خبر آهي ته قاضي فضل الله سنڌ جو وڏو وزير, 1956 کان 1958 تائين آب پاشيءَ جا وزير ۽ ويسٽ پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رهيو۔ سندس زندگيءَ جا اهي اهڙا پهلو آهن, جنهن کان سنڌ جو عوام باخبر آهي۔ پر هن جي زندگيءَ حياتيءَ جا کوڙ سارا اهڙا پهلو به آهن, جنهن کان اسان مان ڪيترا ماڻهو بي خبر آهن، قاضي فضل الله ۽ سندس ڀاءُ حڪيم شمس الدين احمد سياست ۾ وڏو نالو ڪمايو۔ ٻئي هئا ته نوشهره فيروز جا پر حڪيم شمس الدين احمد وڃي حيدرآباد کي وسايو , جتي هن جو دواخانو هوندو هيو۔ هو خلافت تحريڪ جو هڪ اهم اڳواڻ هيو۔ هن خلافت تحريڪ تي ڪتاب به لکيا، اڳوڻو وزير اعلي سنڌ قاضي فضل الله سندس ننڍو ڀاءُ هيو , جنهن اچي سنڌ جي تاريخي شهر لاڙڪاڻو کي هميشه لاءِ وسايو۔ هن لاڙڪاڻي شهر م وڪالت ۾ به وڏو نالو ڪمايو۔ قاضي فضل الله پنهنجي ڀاءُ جيان شاگرديءَ واري زماني کان وٺي سياست ۾ حصو ورتو پر پڪو مسلم ليگي هئو۔ قاضي فضل الله پاڪستان جي بانيءَ قائد اعظم محمد علي جناح جي پاڪستان مسلم ليگ جو وڏو وفادار هيو، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ قاضي فضل الله اهو واحد ۽ منفرد سياستدان رهيو, جنهن پنهنجي رضا خوشيءَ ۽ پارٽيءَ جي مفاد ۾ وڏ وزارت تان استعيفا ڏني هئي۔ اهو اعزاز سنڌ جي ڪنهن به ٻئي وڏي وزير کي نه مليو آهي۔ قاضي فضل الله کي ”ڪنگ ميڪر“ انهيءَ ڪري چيو ويندو آهي جو هن پنهنجي خاندان مان قاضي منان کي سنڌ جو وزير مقرر ڪرايو هو ۽ مائٽ کي وزير بنائڻ جو منفرد اعزاز فقط قاضي فضل الله کي حاصل ٿيو۔ قاضي فضل الله لاڙڪاڻي جي سياست ۾ مثالي ۽ انقلابي ڪردار ادا ڪيو۔ لاڙڪاڻي مان لاهورين جي سياسي دٻدٻي جي خاتمي ۾ سندس وڏو عمل دخل رهيو۔ هن ڀٽو خاندان جي لاڙڪاڻي واريءَ سياست تي ڇاپ لڳڻ کان اڳ پنهنجي سياسي حيثيت تسليم ڪرائي ورتي۔ ڪڏهن ايوب کهڙي سان ياري رکي ته ڪڏهن مخالفت ڪري لاڙڪاڻي ۾ ” قاضي، کهڙو “ جي هڪ انمول سياسي دور کي جنم ڏنو۔ هي اهو زمانو هو جڏهن سر شاهنواز خان ڀٽو ممبئي سرڪار جو وزير هيو ۽ لاڙڪاڻي کي ايترو وقت ڏئي نه سگهيو ۽ انهيءَ عرصي ۾ ”قاضي، کهڙي“ جو سياسي سڪو لاڙڪاڻي ۾ چمڪندو هو۔ قاضي فضل الله پنهنجي جاودان جدوجهد سان سنڌ جي سينڌ سواريندي پنهنجو نالو تاريخ جي عظيم سورهيه ماڻهن ۾ لکرايو ڇو تہ هن درويش صفت انسان سدائين پنهنجي سهڻي سلوڪ، مهمان نوازي، همدرديءَ، اخوت، انسان دوستي، غريب پروري، عملي مدد، يار باشي ۽ عزت افزائي جو اهڙو سوڀيائي سور ڦوڪيو جيڪو بذات خود سنڌ جي تاريخ جو واقعاتي سرمايو ھيو۔ هيء سنڌ جو واحد سياسي مدبر هيو جنهن جي چوڌاري اديبن، محققن، مبلغن، مورخن، ماهرن، لکارن، چڱن، چڱيرڙن، مانائتي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن جي هيڪانڌ هوندي هئي ۔
ٻڌو آهي ته فطرت وڏن ماڻهو جو خمير مختلف عنصرن واري مهان مٽي مان سوئيندي آهي، اها مهانتا ڇا گهٽ هئي ته هن جو جسم ملوحا جي چيڪي ۽ چيڙاهين مٽيءَ مان ڳوهيل هيو. انهيءَ سببين ئي هوهڪ کليل دل ۽ وڏو ذهن رکندڙ باصلاحيت انسان، بيباڪ مبصر، مورخ، صاحب نظر دانشور، حقي عوام دوست، باشعور، باڪمال، باوقار پر عاجز انسان هئڻ سان گڏ بهترين دورانديش سياستدان هيو جيڪو هن دجالي دور ۾ بہ سياسي، سماجي، رياستي ۽ مذهبي معاملن کي انساني ادراڪ ۽ روحاني شعور جي ڪسوٽي تي پرکيندو هيو. قاضي فضل اللهٌ جي ذات، ڏات، ڳالهہ ٻولهہ، ٺاهہ ٺوهہ سنڌ جي انهن سونهري روايتن سان چرندڙ پرندڙ رهاڻ هوندي هئي. جيڪي اسان صرف اتهاس جي پنن ۾ پڙهندا رهيا آهيون. هاڻي تہ اتهاس جو اهو آخري پنو بہ وقت جي وير پاڻ سان کڻي وئي جنهن کي کڻي اسان پنهنجي سياستڪارن کي چڱ ماڻهائپ، ساڃاه وندي، ايمانداري، اهنسا، سنڌ دوستي، انساني خدمت يا انصاف پرستي جو ڪو آئينو ڏيکاري سگهون.نٽشي چوڻي “مهان ٿيڻ بہ هڪ لحاظ کان وڏو ڏوهہ آ ”، سچ ئي آهي ڇو تہ هڪ سطحي معاشري ۾ روشن ضميري، روحاني بلندي ۽ ذهني سکيائپ بہ ماڻهن کي کٽي ۽ اهنجي لڳندي آهي. قاضي فضل الله سموري ڄمار جنهن وقت مان گذرندو رهيو سا اها هئي تہ هو بندري طبيعت، نسل، سماج ۽ فطرت جي ماڻهن ۾ پيدا ٿيندر هڪ قدآور ۽ وڏو ماڻهو هيو سندس حوصلن جا اڳڙا آڪاش ۾ کتل هوندا هيا، قاضي فضل الله ڪوڙ کان نابري، ڪمال اهليت، سچي دل ۽ پڪي ارادي وارو باشعور انسان هيو جنهن جي زندگي هميشہ پنهنجي ماڻهن جي مسئلن سان ڳانڍاپيل رهي جن لاءِ هن جنم کان مرڻ تائين هڙان وڙان جيءُ جڙان استعمال ڪندي سنڌ جي سڪار جا سپنا سانڀيا ڪرڻ پئي چاهيا ان لاءِ ئي سهسين سهاڪن طرفان کيس سنڌ جو وڪيل ڀائنيو ويندو هيو. هر دور جي پنهنجي سياسي معنويت ۽ پنهنجو لهڻ اڀرڻ ٿيندو آهي ۽ سياسي جماعتون نظرين ۽ فلسفن جي آڌار تي پنهنجي پنهنجي وجود جو احساس ڏيارينديون آهن جنهن سان شخص اڳرا يا پڌرا ٿيندا آهن پر قاضي فضل الله جي معاملي ۾ نظريا ۽ فلسفا سندس شخصيت ڪري سڃاتيون وينديون آهن. جنهن معاشري ۾ انسان سان محبت ۽ سچائي نہ هئڻ جي برابر هجي اهو غلام معاشرو هوندو آهي”. تنهن ڪري قاضي فضل الله سدائين انسان ذات سان محبت ڪئي۔ قاضي فضل الله جي زندگي سدائين هڪ مشعل جيان رهي جنهن جي روشني نہ رڳو لاڙڪاڻو پر سموري سنڌ لاءِ يڪجاء رهي، نوجوان نسل جي هٿ ۾ منتقل ٿيندي نظر آئي جيڪو سندس خواب ۽ خواهش هئي، سنڌ جو هي وهائو تارو تاريخ جي ورقن ۽ سياسي تاريخ تي چمڪندي ايندڙ نسلن کي سچائي، انسان دوستي، حب الوطني ۽ ارڏائپ جي روشني سان منور ڪندو رهندو. الله پاڪ کان دعا آهي مرحوم قاضي فضل الله جا درجات بلند ڪري ۽ جنت ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين.
0 تبصرے