English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: لطيف ٽائون ۾ عمارت جي ڀِت ڪِرڻ سبب 2 ڄڻا دٻجي فوت، عورت زخمي
views
|
28th Oct 2024
•
سنڌي خبرون
اسٽيل مل جو اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر رسول بخش ابڙو ۽ اڳوڻو انسپيڪٽر خالد لاشاري فوت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراهه لڳ شاهه لطيف ٽائون ۾ نئين تعمير ٿيندڙ عمارت جي ڀت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا دٻجي فوت، هڪ عورت سخت زخمي، اطلاع ملندي ئي علائقي واسي ۽ پوليس پهچي وئي، فوتين جي سڃاڻپ سٽي اسپتال جي مالڪ ۽ اسٽيل مل جي اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر رسول بخش ابڙو، اڳوڻو انسپيڪٽر خادم لاشاري جڏهن ته زخمي عورت رخسانا طور ٿي آهي، زخمي عورت سميت فوتين کي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي ۾ سوڳ ۽ گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، تفصيل موجب ملير م قومي شاهراهه لڳ شاهه لطيف ٽائون ۾ قائم سٽي جنرل اسپتال کي وڌائڻ واري منصوبي جي نئين ٺهندڙ عمارت جي ڀت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ اتي موجود سٽي اسپتال جو مالڪ اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر اسٽيل مل ڊاڪٽر رسول بخش ابڙو، اڳوڻو انسپيڪٽر خادم حسين لاشاري موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت رخسانا عارفاڻي، يوسف ۽ هڪ نامعلوم سخت زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي علائقي واسي ۽ پوليس جي وڏي تعداد م واقعي واري هنڌ پهچي ويا افسوسناڪ واقعي تي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو ۽ گهرن ۾ ڪهرام متل آهي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
26th Jun 2025
•
سندھ
محرم الحرام کے لیے سندھ حکومت کا سیکیورٹی پلان جاری
26th Jun 2025
•
سندھ
نیوٹریشن انٹرنیشنل کے تحت خوردنی تیل کی صنعتوں کے لیے تربیتی سیشن، معیار اور غذائیت پر زور
26th Jun 2025
•
سندھ
کراچی میں نیو انرجی وہیکل (NEV) پالیسی 2030 پر ورکشاپ کا انعقاد، ماحول دوست ٹرانسپورٹیشن کے فروغ پر زور
26th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حاجي منور علي عباسي، عوام دوست سياست سبب هميشه زنده رهندو..!
26th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي جي علائقي شيرپائو واسين جو پوليس ۽ بااثر جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
26th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو واسي خواجا سرا جو ساٿين تي تشدد ۽ نازڪ عضوو ڪٽڻ جو الزام
26th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن ۾ هڪ ٻانهن کان معذور نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو
26th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
پي ٽي آءِ ڪراچي پاران القادر ٽرسٽ ڪيس جي سلسلي ۾ ملير ڪورٽ ۾ احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
لطيف ٽائون
اسٽيل مل
قومي شاهراهه
0 تبصرے