بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن جو احتجاجي مظاهرو

سنڌي خبرون 17th Mar 2025 131 مناظر
عمرڪوٽ ۾ اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن جو احتجاجي مظاهرو
عمرڪوٽ (ڊ ر)ضلع اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن پاران پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتاءُ لاءِ جناح پارڪ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ضلعي صدر امان الله ڪپري، الھداد کوسو، تاج محمد پلي، رمضان سولنگي، واگھو مل ڀيل ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ اسان اين سي ايڇ ڊي استادن جا جائز مطالبا مڃا وڃن، پاڪستان جي آئين مطابق اسان کي ريگيولر ڪري پگھارون آن لائن ڪيون وڃن، ھنن چيو تہ وزير تعليم کان مطالبو آھي تہ ملڪ جي آئين موجب عمر جي حد 55 کان 60 سال تائين ڪئي وڃي ۽ سنڌ ڪابينا جي اعلان مطابق وڌايل پگھارن واري اعلان تي عمل ڪرايو وڃي، اسان جا جائزمطالبا مڃيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ