بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

ضلعي ملير جا 40 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول ورھين کان بند

سنڌي خبرون 21st Oct 2026 3 مناظر
ضلعي ملير جا 40 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪول ورھين کان بند

اربين رپين جي بجيٽ باوجود گڏاپ، موئيدان، ڪنڊ جهڳ، کار، تراڙي ۽ ڪونڪر سميت ٻين علائقن جا ٻار تعليم کان محروم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي لاءِ اربين رپين جي بجيٽ مختص ٿيڻ باوجود ضلعي ملير جا لڳ ڀڳ 40 سرڪاري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان بند هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڪراچي جهڙي وڏي شهر جي حدن ۾ شامل گڏاپ، موئيدان، ڪنڊ جهنگ ، کار، تراڙي، ڪونڪر ۽ ٻين قديمي آباد علائقن ۾ پرائمري ۽ لوئر سيڪنڊري اسڪولن کي تالا لڳل هجڻ سبب علائقي جي ٻارن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته اسڪولن جي ڊگهي عرصي کان بندش تعليم کاتي جي ڪارڪردگي ۽ انتظامي معاملن تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن تعليمي حلقن ۽ علائقي واسين موجب، انهن اسڪولن جي بند هجڻ جو هڪ سبب شهر کان پري ۽ ڏورانهن علائقن ۾ واقع هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته اسڪولن ۾ تدريسي عمل بحال ڪرڻ لاءِ گهربل قدم نه کنيا ويا آهن. بند پيل اسڪولن ۾ اڪثريت پرائمري اسڪولن جي ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن ڪري ننڍن ٻارن کي پنهنجي ئي ڳوٺن ۽ علائقن ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ جي سهولت ميسر نه آهي شڪايتن موجب، سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي کي ڪيترائي ڀيرا ان صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، پر ان باوجود بند اسڪول کولڻ ۽ تدريسي عمل بحال ڪرڻ لاءِ گهربل نتيجا سامهون نه اچي سگهيا آهن ٻئي طرف، انهن بند اسڪولن وارن علائقن سان واسطو رکندڙ اميدوارن کي ڀرتيءَ واري عمل دوران نااهل يا فيل قرار ڏيڻ تي به اعتراض سامهون آيا آهن. شڪايت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن حڪومت ۽ تعليم کاتي جي واقعي بند اسڪول کولڻ ۾ دلچسپي آهي ته پهرين انهن اسڪولن کي فعال بڻايو وڃي، جڏهن ته متاثر اميدوارن جي معاملن جو به شفاف نموني جائزو وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي مطالبو ڪيو ويو آهي ته بند اسڪولن ۾ اڳ مقرر ٿيل استادن کي واپس موڪليو وڃي ۽ سياسي اثر رسوخ يا سفارشن ذريعي مقرر ٿيل استادن بابت سامهون آيل شڪايتن جي به جاچ ڪئي وڃي، جيئن اسڪولن ۾ تدريسي عمل شروع ٿي سگهي ۽ مقامي ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ملي سگهي شڪايت ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هنن ڪيترائي ڀيرا تعليم واري وزير سيد سردار شاهه کي به ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي، پر صورتحال ۾ ڪا خاص تبديلي نظر نه آئي آهي. سندن چوڻ آهي ته ڪراچي سان تعلق رکندڙ تعليم واري وزير جي ماتحت ضلعي ملير جا درجنين اسڪول سالن کان بند رهڻ هڪ سنجيده معاملو آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي علائقي واسين ۽ تعليم سان لاڳاپيل ڌرين سنڌ جي وڏي وزير، تعليم واري وزير سيد سردار شاهه ۽ تعليم کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي کان مطالبو ڪيو آهي ته ضلعي ملير جي بند پيل اسڪولن جو فوري طور سروي ڪرائي کين کولڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، استادن جي کوٽ ۽ غيرحاضريءَ جا سبب معلوم ڪيا وڃن ۽ متاثر اميدوارن جي معاملن کي به شفافيت سان حل ڪيو وڃي جيئن ڏورانهن ڳوٺن جي ٻارن کي تعليم جي بنيادي حق کان محروم ٿيڻ کان بچائي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ