عمرڪوٽ ۾ محتسبِ اعليٰ جي کلي ڪچهريءَ ۾ شڪايتن جا ڍير
پينشنرن، استادن ۽ شهرين مسئلا پيش ڪيا، مسئلن جي ترت حل جي خاطري
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صوبائي محتسبِ اعليٰ سنڌ محمد سهيل راجپوت جي هدايتن تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس عمرڪوٽ ۾ کلي ڪچهري منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب ميرپورخاص سيد امداد علي شاهه شهرين، سرڪاري ملازمن، پينشنرن ۽ استادن جون شڪايتون ٻڌيون، ان موقعي تي مختلف سرڪاري کاتن بابت 20 کان 25 درخواستون پيش ڪيون ويون، جن ۾ پينشن ۽ پگهارن جي عدم ادائيگي، سرڪاري ڪمن ۾ دير، مالي معاملن ۽ عوامي سهولتن بابت مسئلا شامل هئا، شڪايت ڪندڙن ٽريزري آفيس ۾ پينشن حاصل ڪرڻ دوران پيش ايندڙ مشڪلاتن ۽ مبينا رشوت طلب ڪرڻ جون شڪايتون ڪندي ترت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته نون ڀرتي ٿيل استادن ڇهن مهينن کان وڌيڪَ عرصو گذرڻ باوجود پگهارون نه ملڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، ميونسپل ڪميٽي سميت مختلف سرڪاري ادارن ۾ ڪانٽريڪٽ ملازمن کي فارغ ڪرڻ ۽ مبينا طور من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جون شڪايتون پڻ سامهون آيون، پريس ڪلب عمرڪوٽ جي صدر امين ميمڻ اٽي جي من ماني اگهن، عام واهپي جي شين تي اضافي رقم وصول ڪرڻ، واٽر سپلاءِ ذريعي مبينا طور گندو پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ پيٽرول جي گهٽ مقدار ڏيڻ سميت شهرين جا مسئلا پيش ڪيا، شهرين اڳوڻي کلي ڪچهريءَ ۾ پيش ڪيل مسئلا حل نه ٿيڻ تي پڻ ڳڻتي ظاهر ڪندي رڳو يقين ڏيارڻ بدران عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو، ريجنل ڊائريڪٽر سيد امداد علي شاهه شڪايتن تي لاڳاپيل آفيسرن کان وضاحتون طلب ڪندي مسئلن جي حل لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪيون ۽ خاطري ڪرائي ته عوامي شڪايتن جو قانون ۽ ميرٽ موجب جائزو وٺي انهن جي ازالي لاءِ قدم کنيا ويندا، هن چيو ته سرڪاري ڪمن ۾ غفلت ۽ غير ضروري دير برداشت نه ڪئي ويندي ۽ شهرين کي شفاف ۽ بروقت سهولتون فراهم ڪرڻ يقيني بڻايو ويندو، کلي ڪچهريءَ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر عمران آرائين، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد اشرف جانوري، ايڊيشنل رجسٽرار محمد حنيف پنھور ۽ تعليم، صحت، زراعت، بلديات سميت ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي، شهرين مطالبو ڪيو ته سرڪاري ادارن ۾ بدانتظامي، مبينا رشوت خوري ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل واعدن تي اثرائتي نموني عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.