جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور سول اسپتال جي ٻارڙن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نصرالله ھڪڙو جي رٽائرمينٽ تي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 27th Jul 2025 192 مناظر
شڪارپور سول اسپتال جي ٻارڙن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نصرالله ھڪڙو جي رٽائرمينٽ تي تقريب منعقد

ڊاڪٽر نصرالله هڪڙو کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽي ويو

شڪارپور ( احسان ابڙو ) سول اسپتال ۾ ٻارڙن جو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نصراللہ ھڪڙو جي رٽائرمينٽ ٿيڻ تي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي گلن جا ھار پارايا ويا ۽ مبارڪباد ڏني وئي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو ڊاڪٽر نويد احمد جيھو ابڙو، حافظ شفي محمد ھڪڙو ، استاد عبدالوحيد جيھو ابڙو ،عبدالخالق جيھو ۽ ٻين پاران شڪارپور جي مشھور ٻارڙن جو ماھر ڊاڪٽر 19 ھون گريڊ رکندڙ نصرالله ھڪڙو پنھنجي سروس جا ڏينھن پورا ڪري رٽائرمينٽ ٿيڻ تي سندس مان ۾ ھڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ شريڪ معززين ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر نصراللہ ھڪڙو پنھنجي سروس ۾ ايمانداريءَ سان فرض سمجھي ڊيوٽي سرانجام ڏني ڪڏھن بہ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي پنھنجي پيشيوراڻہ صلاحيتن سان ٻارڙن جو سول اسپتال ۾ بھتر علاج ۽ بھتر پرفامنس ادا ڪئي ھنن پاران وڌيڪ چيو ته ھڪ مسيحا جو اڄ سرڪاري نوڪري مان رٽائرمينٽ ٿيڻ سان ادارن ۾ خال پيدا ٿيي ٿو پر سرڪار جي پاليسي کي فالو ڪرڻو پوي ٿو نت ھھڙن اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي ادارن ۾ خدمتن جي اھم ضرورت ھوندي آھي بھتر خدمتن وارو سندس جو اھو ئي سبب آھي جو اڄ سندس جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي آھي انھي موقعي ڊاڪٽر نصراللہ ھڪڙو پاران سندن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو تقريب ۾ دوستن، اھبابن ۽ شھرين پاران شرڪت ڪئي وئي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ