بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

جنگشاهي ريلوي ورڪرز يونين جي وفد جي ريلوي جي ڊويزنل سپريڊنٽ ڪراچي سان ملاقات

سنڌي خبرون 12th Aug 2025 207 مناظر
جنگشاهي ريلوي ورڪرز يونين جي وفد جي ريلوي جي ڊويزنل سپريڊنٽ ڪراچي سان ملاقات

وفد محمود الرحمان لاکو سان ملاقات ڪري جنگشاهي ريلوي اسٽيشن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني

ٺٽو (ڊ ر)جنگشاھي پاڪستان ريلوي ورڪر يونين جي مرڪزي اڳواڻ جنيد اعواڻ جي سربراھي ۾ ٺٽي ۽ جنگشاھي جو وفد جنگشاھي ريلوي اسٽيشن جي مسئلن لاء پاڪستان ريلوي جي ڊويزنل سپريڊينٽ ڪراچي محمودالرحمان لاکو سان ملاقات ڪئي وفد ۾ پير غلام حسين شاھ ۔حافظ صادق مڱسي ۔محمد شفيق جوکيو۔ محمد عباس لغاري سيد ريحان شاھ محمد قاسم جوکيو درخواست ڪئي ته جنگشاھي اسٽيشن تي باولالدين زڪريه ايڪسپريس جو اسٽاپ ۔لوڪل ٽرين کي جنگشاھي تائين ھلائڻ ۔اسٽيشن تي پاڻي جي سھولت باٿ روم ڏيڻ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ ۽ ٻيون بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ۔ ڊي ايس۔ريلوي ڪراچي۔ ٺٽي جنگشاھي وفد کي مان ڏيندي جنگشاھي اسٽيشن تي باولالدين زڪريه جو اسٽاپ بحال ڪري ڇڏيو ۔۽ لوڪل ٽرين سميت ٻيا بنيادي مسئلا جلد حل ڪيا ويندا ۔ آخر ۾ وفد ڊي ايس ريلوي محمود الرحمان لاکو ۽ پاڪستان ريلوي جي مرڪزي اڳواڻ جنيد اعواڻ کي اجرڪ جا تحفا ڏئي شڪريو ادا ڪيو ٺٽي جنگشاھي جي ماڻھن ۾ خوشي جي لھر ۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ