بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير ڀرسان هاشم مهر علي ڳوٺ ۾ باهه، 9 گهر سڙي رک ٿي ويا

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 17 مناظر
ملير ڀرسان هاشم مهر علي ڳوٺ ۾ باهه، 9 گهر سڙي رک ٿي ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي هاشم مهر علي ڳوٺ ۾ باهه لڳڻ سبب 9 گهر سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل الهه تلهه سان گڏ نياڻين جي ڏاج جو سامان به سڙي خاڪ ٿي ويو. نياڻين جي ڏاج سميت قيمتي سامان سڙي وڃڻ تي مائرن جون اوڇنگارون ۽ دانهون، جڏهن ته باهه سبب متاثر ٿيل خاندان سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ڳوٺاڻن موجب، گهرن ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب ڏسندي ئي ڏسندي باهه ڪيترن ئي گهرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 گهر سڙي تباهه ٿي ويا. باهه جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل ڪپڙا، بسترا، گهريلو سامان ۽ نياڻين جي شادين لاءِ گڏ ڪيل ڏاج به سڙي خاڪ ٿي ويو.نياڻين جي ڏاج جو سامان سڙي وڃڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، مائرون پنهنجو سامان ۽ نياڻين جي مستقبل لاءِ گڏ ڪيل ڏاج اکين آڏو سڙي وڃڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئينديون رهيون. باهه سبب متاثر خاندانن جون زندگيون ڏکيائين جو شڪار ٿي ويون آهن، جڏهن ته عورتون ۽ معصوم ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آهن.ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته واقعي دوران باهه وسائڻ وارو عملو نه پهتو، جنهن سبب ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون. ڳوٺاڻن گڏجي باهه تي ضابطو آندو، پر ان وقت تائين 9 گهر ۽ انهن ۾ پيل سمورو الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي چڪو هو.متاثر خاندانن ضلعي انتظاميا، چونڊيل نمائندن ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي متاثرن جي فوري واهر ڪئي وڃي، کين کاڌ خوراڪ، ڪپڙا ۽ رهائش جون سهولتون فراهم ڪرڻ سان گڏ مالي امداد ڏني وڃي، جيئن هو هن ڏکئي وقت ۾ پنهنجون زندگيون ٻيهر سنواري سگهن.ڳوٺاڻن اهو پڻ مطالبو ڪيو ته باهه وسائڻ واري عملي جي هنگامي حالتن ۾ بروقت پهچ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن واقعن دوران قيمتي جاني ۽ مالي نقصان کان بچي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ