منگل، 20 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: غريب آباد واسي نينگر ھڪ ھفتي کان گم

سنڌي خبرون 20th Oct 2026 2 مناظر
ملير: غريب آباد واسي نينگر ھڪ ھفتي کان گم

سجاد علي شاھھ ھفتو اڳ رات جو 8 وڳي گھران نڪتو ھو: وارث

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد جي غريب آباد پاڙي مان 16 ورهين جو نوجوان سيد سجاد علي شاهه پُراسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن جو هڪ هفتي کان وارثن ۽ مائٽن پاران هر ممڪن ڳولا ڪرڻ جي باوجود به ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن سبب گهرڀاتي سخت پريشاني ۽ بيچينيءَ ۾ مبتلا آهن. گم ٿيل نوجوان جي والد سيد غلام حسين شاهه ٻڌايو ته سندس پُٽ 14 آڪٽوبر تي رات جو تقريبن 8 وڳي گهر جو سوڌو وٺڻ ٻاهر نڪتو هو پر ان کان پوءِ واپس گهر نه موٽيو. نوجوان جي اوچتو گم ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي مدد پاڻ تحت مختلف ٿاڻن، مائٽن، دوستن ۽ مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر هن وقت تائين سندس ڪا به خبر نه ملي سگهي آهي هن چيو ته سندس نوجوان پُٽ جي واپسي لاءِ لاڳاپيل ادارا، شهري، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي مدد ڪن ته جيئن هو خير سان ملي وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ