سرويچ سجاوليءَ جي 22هين ورسي تي ميرپور ساڪري ۾ ادبي ڪچهري
ساحلي ميلو منعقد ڪرڻ ۽ سرويچ سجاولي جا اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪرڻ جو مطالبو
ٺٽو( شفيق ڀٽي)سنڌ جي نامياري مزاحمتي ۽ رومانوي شاعر سرويچ سجاوليءَ جي شاعريءَ سنڌ ۾ قومي حقن، ڌرتيءَ سان محبت ۽ عوامي شعور جون ڏياٽيون ٻاريون، جڏهن ته آمريت، ظلم، جبر ۽ جاگيرداريءَ خلاف مزاحمت جو پيغام ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکي ميرپور ساڪري ۾ سرويچ سجاوليءَ جي 22هين ورسيءَ جي مناسبت سان سنڌ ڪلچرل فورم پاران ڪوٺايل ادبي ڪچهريءَ کي خطاب ڪندي ڪيو. صادق لاکي چيو ته سرويچ سجاوليءَ جي شاعري ۽ ان کي پيش ڪرڻ جي منفرد انداز سبب قومي، عوامي ۽ جمهوري جلسا وڌيڪ اثرائتا بڻبا هئا. ساڪرو سماجي فورم جي روح روان خدا بخش لاشاريءَ چيو ته سرويچ سجاولي لاڙ پٽ جو سگهارو، عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ قوم پرست شاعر هو. قومي ۽ جمهوري سوچ سبب کيس قيد ڪري جھڪائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر هو پنهنجي اصولن تان نه هٽيو. سينيئر شاعر جمال مراد گبول چيو ته محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي لاڙ جا وڏا عوامي شاعر هئا، جن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهي انتظار ڪندا هئا. سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم جي چيئرمين جمشيد زهراڻيءَ چيو ته سرويچ سجاوليءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سونهن، عوامي تڪليفن، ظلم، اونداهين ۽ ڏاڍ خلاف سگهارو آواز اٿاريو. عوامي شاعر عاجز قادر بخش سمون چيو ته لاڙ جي ڌرتيءَ هر دور ۾ ڏاها انسان پيدا ڪيا آهن، جن ۾ سرويچ سجاوليءَ جو نالو نمايان آهي. ادبي ڪچهريءَ ۾ سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن عبدالغني عباسي، ياسين پروانو آرائين، علي، عبدالخالق آرائين، سارنگ لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڪچهريءَ جي پڄاڻيءَ تي ساڃاهه وندن سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي کان مطالبو ڪيو ته ساحلي پٽيءَ جي ادب، موسيقي، شاعري، هنر، عوامي مسئلن ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ٿيندڙ تباهڪارين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي ساحلي ميلو منعقد ڪيو وڃي. ان سان گڏ سرويچ سجاوليءَ جي رهيل ۽ اڻ ڇپيل شاعريءَ جا ڪتاب جلد شايع ڪري سندس ادبي ورثي کي محفوظ بڻايو وڃي، جيئن نئين نسل کي سندس فڪر، مزاحمتي شاعري ۽ قومي خدمتن کان روشناس ڪرائي سگهجي.