ڳڙهي تيغو جي ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس تي حملو، نجي گن مين شهيد، 3 اهلڪار زخمي
پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ
ڪرمپور: ڳڙھي تيغو ڀرسان پوليس آپريشن ڌاڙيلن پاران پوليس مٿان حملو پرائيويٽ گن مين شهيد 3 اهلڪار زخمي پوليس پاران مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوي' ڌاڙيلن پاران پوليس گاڏين مٿان جديد هٿيارن اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ۽ راڪيٽ لانچرن سان حملو ڪيو ويو گولو لڳڻ سبب اي پي سي ۾ سوار ايس ايڇ او گهوڙا گهٽ عبدالحڪيم جتوئي , انچارج شبيرآباد سڪندر چانڊيو , پوليس اهلڪار احمد خان ابڙو زخمي ٿي پيا ايس ايڇ او عبدالحڪيم جتوئي جو پرائيويٽ گن مين علي بحر جتوئي شهيد ٿي ويو ايس ايس پي ڪشمور واقعي واري هنڌ پهتو شهيد جو مڙھ ۽ زخمين کي سکر منتقل ڪيو ويو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جو ڪافي دير تائين هلندو رهيو شديد فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچر جا گولا فائر ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڏهڪاء پکڙجي ويو ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا فائرنگ ختم ٿيڻ بعد پوليس هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعوي' ڪري ڇڏي مارجي ويل مبينا ڏوهاري جي سڃاڻپ لقمان اوڳاهي طور ڪئي وئي پوليس پاران مارجي ويل مبينا ڏوهاري جي تصوير شيئر ڪرڻ بعد علائقي واسين مارجي ويل جي سڃاڻپ لقمان اوڳاهي طور ڪئي وئي ايس ايس پي عرفان سمون شهيد ٿيل پرائيويٽ گن مين علي بحر جتوئي کي راهگير ڄاڻائي ڇڏيو ڪرمپور ٿاڻي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي عرفان سمون چيو ته مغوين جي بازيابي لاء لاء ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ ڪجھ ڏينهن کان آپريشن هلندڙ آهي آپريشن دوران ڌاڙيلن جا ٺڪاڻا تباھ ڪرڻ بعد تيغاڻي گينگ جي ڏوهارين پوليس تي حملو ڪيو اي پي سي کي گولو لڳڻ سبب پوليس جا 3 جوان زخمي ٿي پيا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري ۽ هڪ راهگير مارجي ويا آهن ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو پنهنجي موقف تي قائم آهيان ته ڏوهارين جي سرپرستي ڪندڙ ۽ سهولتڪار به ڏوهاري آهن انهن خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي مغوين جي بازيابي ۽ امن بحال ٿيڻ تائين ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو