بدھ، 21 اکتوبر 2026
بریکنگ

اسٽيل ٽائون ۾ قتل ٿيل اهلڪار جي ڪيس جو مک جوابدار چوهڙ جمالي ويجهو گرفتار

سنڌي خبرون 23rd Feb 2025 166 مناظر
اسٽيل ٽائون ۾ قتل ٿيل اهلڪار جي ڪيس جو مک جوابدار چوهڙ جمالي ويجهو گرفتار

ثاقب جوکيو کي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري چوهڙ جمالي لڳ هڪ ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو: پوليس

ملير (عبدالرشيد مورجهريو) اسٽيل ٽائون ۾ پوليس اهلڪار خمسيو جوکيو جي قتل جو مک جوابدار اسٽيل ٽاون جاچ پوليس هٿان چوهڙ جمالي مان گرفتار، 10 فيبروري تي اهلڪار کي گهر اندر گهڙي قتل ۽ زال کي گوليون هڻي زخمي ڪيو ويو هو، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس تفصيل موجب تيرهن ڏينهن اڳ 10 فيبروري تي اسٽيل ٽائون بلاڪ اي ۾ هٿيار بندن گھر ۾ گهڙي اسٽيل ٿاڻي ۾ ڊيوٽي ڪري گهر پهتل پوليس اهلڪار خميسو جوکيو کي قتل ۽ سندس زال رئيسان کي گوليون هڻي زخمي مک جوابدار ثاقب جوکيو کي جاچ پوليس چوهڙ جمالي مان گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي پوليس موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ مسلسل ڇاپن جو سلسلو جاري هو ڳجهي اطلاع تي چڙهائي ڪري چوهڙ لڳ سمنڊ ڪناري هڪ ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ