جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ سول اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس لاڏاڻو ڪري ويو

سنڌي خبرون 24th Aug 2025 332 مناظر
عمرڪوٽ سول اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس لاڏاڻو ڪري ويو

ڊاڪٽر معز علي شاھ دل جو دورو پوڻ سبب 64 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جو ناليوارو ڊاڪٽر سول اسپتال جو اڳوڻو ايم ايس رھندڙ ڊاڪٽر معز علي شاھ دل جو دورو پوڻ سبب 64 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس لاڏاڻي تي علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي جڏھن ته مرحوم کي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيجراڙي جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۽ تدفين وارين آخري رسمن ۾ ضلعي چئرمين حاجي بقا پلي، سيد سرفراز شاھ، غلام محمد مھر، ڊاڪٽر حنيف آريسر، ڊاڪٽر اعظم کوسو، غلام حسين کوسو، عمرڪوٽ جي صحافين سيد عمران شاھ، اسلم مھر ۽ ٻين صحافين ۽ سياسي سماجي حلقن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحوم ڊاڪٽر سيد معز علي شاھ ڪافي عرصو عمرڪوٽ سول اسپتال جو ايم ايس رھيو ۽ اسپتال ۾ ڊيوٽي دوران سائي جي مريضن لاء ماھر ڊاڪٽر طور سڃاتو ويندو ھو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ