جمعرات، 22 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ۾ تعميراتي ڪم دوران پورهيت نوجوان فوت

سنڌي خبرون 17th Sep 2025 456 مناظر
عمرڪوٽ ۾ تعميراتي ڪم دوران پورهيت نوجوان فوت
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي ميگهواڙ پاڙي ۾ تعميراتي ڪم دوران 22 ورهين جو پورهيت نوجوان اوچتو هيٺ ڪرڻ سبب تڏي تي فوت ٿي ويو، خبر موجب راجيش پٽ خانو ميگهواڙ، جيڪو پرتاب ميگهواڙ جي جڳهه تي جاري تعميراتي ڪم ۾ معمولي اجرت تي مزدوري ڪندو هو، اڄ ٻي منزل تي ڪاٺين جي سيٽنگ لڳائڻ دوران اوچتو هيٺ ڪري پيو، حادثي سبب کيس سخت زخم لڳا ۽ رت وهڻ ڪري واقعي واري هنڌ تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، راجيش جي اوچتي موت جي اطلاع تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ننڍي عمر ۾ ئي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ پورهيگري ڪندڙ نوجوان جي اهڙي دردناڪ موت تي پاڙي واسين ۽ شهرين ۾ به غم ۽ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي، مقامي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته راجيش جي وارثن کي مالي مدد فراهم ڪئي وڃي ۽ پورهيتن لاءِ حفاظت جا مناسب اپاءَ يقيني بڻايا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ