ابراهيم حيدري ٽائون انتظاميا جون دعوائون ڌوڙ، يوسي شاهه لطيف ٽائون ۾ گٽر اٿلي پيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٽائون ابراهيم حيدري ۽ يوسي شاهه لطيف ٽائون جي انتظاميا جي مبينا نااهلي ۽ لاپرواهي سبب شاهه لطيف ٽائون جي سيڪٽر 16 بي سميت مختلف علائقا گٽرن جي گندي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا، جڏهن ته ڏهن ڏينهن کان گندو پاڻي گهٽين ۽ رستن تي بيٺل هجڻ سان گڏ رهائشي گهرن ۾ به داخل ٿي ويو آهي، پر ٽائون ۽ يوسي انتظاميا جي ڪن تي جونءَ به نٿي چري. رهواسي سخت اذيت ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته ذميوار عملدارن جي ڪارڪردگي تي سنگين سوال اٿي رهيا آهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ٽائون ابراهيم حيدري انتظاميا ترقياتي ڪمن جي نالي تي فوٽو سيشن ۽ ڏيکاءَ ۾ مصروف نظر اچي ٿي، پر عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ عملي قدم ڪٿي به نظر نٿا اچن. عوام جا اربين رپيا خرچ ٿيڻ جون دعوائون پنهنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن ڏهن ڏينهن تائين گٽرن جو پاڻي به نيڪال نٿو ٿي سگهي ته پوءِ انتظاميا جي ڪارڪردگيءَ تي سوال اٿڻ فطري آهي. يوسي شاهه لطيف ٽائون جي چيئرمين محمد خواج تنولي ۽ ٽائون چيئرمين نذير احمد ڀٽو سميت لاڳاپيل انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلو حل نه ٿيڻ رهواسين جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.گندي پاڻيءَ سبب علائقي ۾ بدبوءِ پکڙجي وئي آهي، مڇرن جي واڌ ويجهه ۽ بيمارين پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙن، عورتن، بزرگن ۽ اسڪول ويندڙ شاگردن کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. رهواسين سوال ڪيو آهي ته جڏهن چونڊيل نمائندا ۽ بلدياتي انتظاميا عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿا ته شهرين کي دانهن ڪنهن ڏانهن کڻي وڃڻ گهرجي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته يوسي شاهه لطيف ٽائون جي چيئرمين محمد خواج تنولي ۽ ٽائون ابراهيم حيدري جي چيئرمين نذير احمد ڀٽو سميت لاڳاپيل اختيارين کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڏياريو وڃي، سيڪٽر 16 بي سميت سمورن متاثر علائقن مان گٽرن جو پاڻي فوري طور نيڪال ڪري سيوريج لائينن جي مرمت ڪرائي وڃي ۽ مسئلي جي مستقل حل لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ انتظاميا جون عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ واريون دعوائون رڳو ڪاغذي ڪارروائي ۽ فوٽو سيشن تائين محدود رهنديون.