ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خيرپور واسي نوجوان مارجي ويو
2موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گهر جي گهٽي ۾ انتظار ڪرڻ بعد فرمان علي کي پٺيان گولي هڻي قتل ڪيو
نيو ڪراچي جي بشير چوڪ وٽ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ خيرپور واسي نوجوان مارجي ويو، پوليس موجب 2موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن گهر جي گهٽي ۾ انتظار ڪرڻ بعد فرمان علي کي پٺيان گولي هڻي قتل ڪيو، شروعاتي طور واقعو ٽارگيٽ ڪلنگ لڳي رهيو آهي