ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران نوتيار برادري جو احتجاج
نوتيار ايڪشن ڪاميٽي۔ سول سوسائٽي ۽ نوتيار برادري پاران عورتن ۽ ٻارڙن سميت احجاج ڪيو ويو
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوتيار برادري ايڪشن ڪاميٽي۔ سول سوسائٽي ۽ نوتيار برادري پاران احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو، ڳوٺاڻن کي جبري طور بي دخل ڪرڻ خلاف اُڀ ڏاريندڙ نعرا، نوتيار ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته رمضان جي ڀلاري مھيني ۾ ظلم جي انتھا ڪئي وئي جنھن ۾ نوتيار برادري جي ٻارڙن، عورتن ۽ مردن کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن، اعليٰ اختياريون معاملي جي جاچ ڪري انصاف فراھم ڪن، ڊاڪٽر غني نوتيار، خدا بخش نوتيار، شاھد نوتيار ۽ ٻين چيو ته ڪورٽ جي حڪم باجود پوليس ۽ روينيو عملي چڙھائي ڪري ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو۔ پوليس پاران نوتيار برادري جي ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن۔ نوتيار ايڪشن ڪاميٽي۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب چورنگي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو۔ مظاھرو ڪندڙن جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا ، ڳوٺاڻن کي لڏائڻ بند ڪيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا۔ ڳوٺاڻن چيو ته روينيو عملو پوليس جي وڏن اٽالن سان ڳوٺ موسيٰ نوتيار ۾ بربريت ڪئي آھي جتي عورتن معصوم ٻارڙن ۽ بزرگن کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ڳوٺ خالي ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس طرفان گوليون ھلايون ويون۔