چوندا آهن ته انسان پنهنجي شخصيت جي نکار ۽ ڪرادر سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ اهي انسان امر ڪرادر هوندا آهن جن کي زمانا پڃاڻا سندن ڪيل خدمتن جي عيوض ڪير وساري ناهي سگهندو،انهن ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو آهي اهڙا ئي انسان جن جي ڪيل خدمتن عيوص سندس ڪرادرن تي لکيل ڪتابن جي اوراقن ۾ سنڀالي رکيو ويندو آهي، اهڙو ئي اهم ڪرادر ٽنڊي باگي سنڌ راڻي جي شهر جو بهترين شخصيت جو مالڪ حاجي سائين بّخش جمالي به هڪ آهي هميشه غريب مسڪين ماڻهن جي مدد لاءِ پاڻ سڀني کان اڳڀرا رهيا آهن سندن ڪيل ڪيترين ئي انساني خدمتن جي پنا ڀريا پيا آهن جن کي ڪتابن جي شڪل ڏجي ته سوين ڪتاب جڙي پوندا، رات هجي يا ڏينهن برسات هجي يا ٻوڏ پر حاجي سائين بخش جمالي جو در ڪڏهن به بند ناهي ٿيو فقير فقرا غريب مسڪين سندس اطاقن تي ڪڏهن به پٽ تي ناهن ويٺا هيمشه کين عزت ۽ احترام سان صوفن جي ويهاريو ويندو آهي جنهن ۾ حاجي صاحب ڪڏهن به ار محسوس ناهي ڪئي ۽ نه ئي انهن کي فقير غريب سمجهي در کان ڌڪاريو آهي پاڻ هيمشه انهن جو ڀرجهلو رهيا آهن مونکي ياد آهن 2011 واري ٻوڏ جنهن هر طرف ڪهرام مچائي ڇڏيو هو انساني زندگي مفلوج بڻجي وئي هئي هر طرف هٽو بچو جو شور هو ان وقت هن مرد مجاهد عريب مسڪين لاءِ پنهنجا در کولي ڇڏيا راشن کان ويندي اعلاج جون سهولتون مهيا ڪيو پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ ريسڪيو بڻجي انهن جي انهن مدد ڪئي ۽ ڪڏهن به سک سان نه ويٺا تازو 1985 ۾ قائم ٿيل اکين جي اسپتال (ايل آر بي ٽي) جيڪا 1985کان وٺي اکين جي نور کان محروم انسانن لاءِ مسيحا جو ڪرادر ادا ڪري رهي هئي جنهن لکين ماڻهن جي اکين جو اعلاج ڪري سندس اکين جو نور کي جياپو ڏنو (ايل آر بي ٽي) سنڌ جي اها واحد اکين جي اعلاج اسپتال آهي جتي ڪراچي کان ڪيجنهر ڪانروجهر کان ڪمشور تائين جا ماڻهو اعلاج لاءِ ايندا آهن اکين جي اسپتال جي حوالي سان .(ايل آر بي ٽي)جون خدمتون وسارڻ جهڙو ناهن جيڪي مسڪين وڏن وڏن اسپتال ۾ لکين رپين جي ليسن لڳائڻ جي سگهه به نه رکندا هئا انهن غريب مسڪين ماڻهن لاءِ ٽنڊوباگو ۾ قائم(ايل آر بي ٽي) اسپتال کين لکين رپيا جا لينس مفت ۾ فرام ڪندي آهي ۽ اڃان به اهو سلسلو جاري آهي جنهن اسپتال جو نالو هر جنهگ شهر بره ۾ ڳونجندو رهيو ۽ سندس هاڪ هر هنڌ هلندي رهي اسپتال عملي جي بهترين ڪارڪردگي ۽ ٽنڊي باگي واسين جو سهڪار اسپتال جي مقبوليت اهم سبب بڻيل رهيو آهي پر اهو به وقت به آيو جڏهن انهي اسپتال کي ڪن بنيادن تي بدين شفت ڪرڻ جو ادارو ڪيو ويو آهي ته انهي اسپتال کي ٽنڊي باگي مان بدين شفٽ ڪيو وڃي اهو نهايت افسوس جوڳو عمل آهي ۽ انهي جي جيتري مذمت ڪجي اوتري گهٽ آهي هن وقت ٽنڊي باگي جي عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ بدين اسپتال جي شفٽنگ خلاف احتجاج پڻ جاري رکيو ويو آهي پر اصل مقصد اهو هو به ان اسپتال ۾ شهر مان ڪڍي ڪري ڪٿي ٻاهر شفٽ ڪيو جئين پري پري کان ايندڙ ماڻهن جي رهائش لاءِ ڪي سهولتون مهيا ڪري سگهجن پر ان ڏس ۾ ٽنڊي باگي شهر ۾ اهڙو ڪو نظر نه آيو جيڪو چوي ته ٽنڊي باگي ۽ سنڌ جي بي نور انسانن جي اکڙين جي روشني لاءِ مان زمين ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ان وقت ٽنڊي باگي شهر جو اهو مرد مجاهد اٿي ٻيٺو ۽ چيائين به آئون تيار آهيان مسڪين جو سهارو بجڻ لاءِ آئون غريب مسڪين جو يار آهيان انهن جو الله سهارو آهي ۽ مونکي رب مان اميدون آهن ته ان جي بدلي مولا پاڪ مونکي سڀ ڪجهه ڏنو آهي ۽ رب اڃان به ڏيندو ان وقت حاجي صاحب پنهنجي ڪمرشل پلاٽ مان ٻه ايڪڙ زمين (ايل آر بي ٽي) جي عطيي طور لکي ڏئي ڇڏي آهي مان سمجهان ٿو ته هن وقت هڪ ايڪڙ يا ٻه ايڪڙ زمينن جي تڪرار تان لاشن جا انبار لڳيو وڃن اتي پنهنجي ڪمرشل پلاٽ مان ٻه ايڪڙ زمين ڏيڻ ڪو آسان ڪم ناهي هر ڪنهن ۾ ايترو جگر ناهي هوندو پر حاجي صاحب لکين ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون ۽ لکين ڪروڙين بي نور اسان جي نور جو سهارو بڻجي پاڻ لاءِ هيمشه جي لاءِ دعائن جا در کولي ڇڏيا آهن، حاجي صاحب جو اهو ڪم سنهري اکرن ۾ لکڻ جهڙو آهي بلڪه مان ته سمجهان ٿو انهن کي لکڻ جي ضروت به ناهي اهو ڪم دل جي اوراقن تي لکجي چڪو آهي جيڪو عوام ۽ ان جي ايندڙ نسل کي هميشه ياد رهندو حاجي صاحب ٻه ايڪڙ زمين ڏيڻ بعد پنهنجي زباني چيو ته مونکي خوشي آهي ته مان غريب مسڪينن جي مدد ڪئي آهي ۽ ان رب ڪائنات جو شڪر گذار آهيان جن مونکان اهو خير جو ڪم ڪرايو پسئو مڪليت ڌن دولت هيمشه ڪير به گڏ کڻي ناهي ويو سڪندر اعظم جهڙا به هٿين خالي ويا هي دنيا دور چل پل جو آهي جتي ڪير ايندا ڪير ويندا پيا ان لاءِ انسان جي خلق جي خدمت ڪرڻ گهرجي جنهن جا رب به راضي ۽ ان جو رسول صه به راضي هجي،آئون سمجهان ٿو سنڌ راڻي جي شهر جي ماڻهن جي خوشنصيبي آهي جو کين اهڙا ماڻهو مليا آهن جن عوام جي خدمتن ۾ پاڻ نڀايو آهي سندس ڪيل خدمتون ياد رکڻ جهڙيون آهن اڄ ساڳئي اسپتال بدين شفٽنگ کان بچي وئي ۽ ميرباگي جي شهر ۾ وري نئي سر آباد ٿيندي آئون سمجهان ٿو حاجي صاحب جا ڪيترا ئي ڪم هوندا جن جي بدلي الله پاڪ کيس اجر ڏيندو پر هي سندس ڪم هڪ مثال آهي هڪ تاريخ آهي جيڪا رقم ڪئي وئِي آهي حاجي صاحب ٻه ايڪڙ زمين ڏئي اهو ثابت ڪيو آهي ته سندس دل ۾ غريب مسڪين لاءِ ڪيتري همدرد آهي انهن عوام سان ڪيترو پيار آهي پاڻ سادي طعيبت جا مالڪ انسان اڄ سموري سنڌ جي بي نور انسان جي نور جو سهارو بڻيا آهن جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو مون وٽ لفظن جي کوٽ ناهي پر هن ڪرادر تي جيڪي لفظ ارپجن ان لفظن جي چونڊ تمام گهڻي مشڪل آهي ڌڻي ڌر دعا آهي ته مولا کيس صحت ڪامل عطا ڪري الله پاڪ سندس مال اولاد رزق ۾ برڪت عطا ڪري پاڻ هيمشه سدائين خوش هجن کين ڪڏهن به ڪوسو واهه نه لڳي (آمين)
0 تبصرے