English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ 5 منشيات فروش گرفتار، آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ
views
|
30th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ سي آءِ اي پوليس، سٽي پوليس ۽ ڍورونارو پوليس جي گڏيل ٽن ڌار ڌار ڪارواين دوران منشيات وڪرو ڪندڙ پنج منشيات فروش گرفتار، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو، گرفتار جوابدارن وٽان لکين روپين جي ماليت جي نشي آور شين آئيس، چرس ۽ سفينا هٿ ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڊي ايس پي سٽي تصور جٽ، سي آءِ اي انچارج خليل ڪنڀر ۽ ايس ايڇ او سٽي سيد الطاف شاهه گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي ٽيمن ڪاروايون ڪيون، جن ۾ دانش قائمخاني، بلال خاصخيلي، ايوب خاصخيلي، علي مرتضيٰ حجام ۽ نريش ڀيل کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار قربان کوسو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان مجموعي طور تي 80 گرام آئيس، هڪ ڪلو چرس ۽ 50 پيڪٽ سفينا هٿ ڪيا ويا، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 2 لک رپيا آهي، گرفتار جوابدار ماضي ۾ به منشيات جي ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪا آهن ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ نشي جي غيرقانوني وڪري ۾ ملوث رهيا آهن ذريعن موجب پوليس وڌيڪ جاچ جاري رکندي، فرار ٿيل جوابدار قربان کوسو جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، پوليس شهري عوام کان اپيل ڪئي آهي ته آئيس، چرس ۽ ٻين خطرناڪ نشن جي وڪري ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ڪري پوليس سان سهڪار ڪن، ته جيئن معاشري کي هن ناسور کان پاڪ ڪري سگھجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے