English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن جو احتجاجي مظاهرو
views
|
10th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، پوليس سندس قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري: مظاهرين
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڇهه مهينا اڳ بي دردي سان قتل ڪيل 22 سالن جي نوجوان فياض کوسو جا قاتل گرفتار نه ٿيا، نوجوان جو پي ۽ امڙ جي اڳواڻي ۾ وارثن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻوقاتل گرفتار ڪريو جا نعرا ، پورهيت ماڻهو آهيون اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، جاچ پوليس رشوت عيوض ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي انصاف ڪن،وارثڻ جون صحافين سان ڳالهيون، تفصيل موجب ملير جي علائقي ڪوهي ڳوٺ ۾ ڇهه مهينا اڳ 22 سالن جي نوجوان فياض کوسو جي بيگناهه قتل ۾ ملوث قاتل گرفتار نه ڪرڻ خلاف نوجوان جي وارثن ۽ علائقي واسين مقتول جي والده جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي، سندن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، ان موقعي تي مقتول جي والد واحد بخش، عبدالشڪور، خان محمد، سڪندر بروهي، منٺار علي جوڳي، شعبان، جوڳي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته اسان مسڪين ۽ پورهيت ماڻهو آهيون، اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل اختيارين کي درخواستون ڏنيون پر قاتلن جي گرفتاري لاءِ اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، جيڪا مقتول جي وارثن سان کليل زيادتي ۽ انصاف جي لتاڙ آهي، هنن چيو ته شاهه لطيف ٿاڻي جي جاچ پوليس جو آفيسر اصغر شيخ قاتل کان رشوت وٺي خون لوڙهڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته جوابدارن شعيب، الاهي بخش، ناظم، پرويز، شاهه حسين، امجد ۽ سراج بروهي اسان جي نوجوان فياض کوسو کي قتل ڪيو ۽ ٻن همراهن خان محمد ۽ عبدالشڪور کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو، تنهن هوندي جاچ پوليس کين گرفتار نه پئي ڪري ۽ رعايت ڏئي رهي آهي، هنن سنڌ جي وڏي وزير، صوبائي وزير داخلہ ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا رونما نه ٿين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
ملير ۾ نوجوان جا قاتل
0 تبصرے