English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏوڪري ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي دوران نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، مخالف ڌر پاران الزام رد
views
|
11th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
جهيڙي دوران جاويد خاصخيلي مارجي ويو، وارثن جو ٿاڻي آڏو لاش رکي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ۽ بيلچا لڳڻ سبب ٽي ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو زخمن جا سور نه سهندي فوت، ٿاڻي اڳيان لاش رکي احتجاج ڏوڪري ڀرسان فارم ڪالوني ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين عبدالصمد خاصخيلي ۽ جاويد خاصخيلي وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران لٺيون ۽ بيلچا لڳڻ سبب جاويد خاصخيلي، عبدالصمد خاصخيلي، ماجد علي خاصخيلي زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته جاويد خاصخيلي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ڏوڪري اسپتال آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول جي وارث ڏوڪري ٿاڻي تي مقتول جو لاش رکي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ عنايت ﷲ خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عبدالصمد خاصخيلي هڪ ڏينهن سندس والد مٿان تشدد ڪيو هو جنهن جي اين سي ڏوڪري ٿاڻي تي داخل ڪرائي. هن وڌيڪ چيو ته پوليس گرفتار ڪيل ماڻهن کي آزاد ڪري ڇڏيو هو. هن وڌيڪ چيو ته صبح جو عبدالصمد خاصخيلي ماڻهو وٺي دوڪان تي ويٺل ننڍي ڀاءُ جاويد خاصخيلي مٿان بيلچن سان حملو ڪيو قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بي گناھ سندس کي ڀاءُ کي ماريو ويو آهي هن مطالبو ڪيو ته بنا دير جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هوڏانهن ٻئي ڌر جي محمد معاز خاصخيلي، ريحان خان ڏوڪري پريس ڪلب ۾ پوليس جي بنا جواز چڙهائي خلاف احتجاج ڪندي چيو آهي ته جاويد خاصخيلي واري ڌر اسان جي مٿان حملو ڪيو ڪيو آهي ۽ اسان جي مٿان حملو ڪري اسان جي ماڻهن کي زخمي ڪيو آهي. هنن چيو ته جاويد خاصخيلي دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو معاملي جي صاف شفاف نموني جاچ ڪئي وڃي. ڏوڪري پوليس چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري اسان جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاھ ڪري سولر پليٽون، بيٽريون، 2 سي ڊي موٽر سائيڪلن سميت ٻيو سامان کڻي وئي آهي. هنن چيو ته اسان جي مٿان بي گناھ ڪوڙا الزام ڦاسو پيو وڃي. هنن چيو ته پوليس اسان جا چار ماڻهو نور احمد خاصخيلي، محمد غيور خاصخيلي، محمد سميع خاصخيلي، محمد طاحہ خاصخيلي کي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ڏوڪري پوليس جو چوڻ هو ته خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۽ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو آهي جهيڙي ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاءِ اسپتال پهچايو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته هڪ زخمي جاويد خاصخيلي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو اوپن پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪاروائي ڪئي ويندي. پوليس جو چوڻ هو ته ٻن عبدالصمد خاصخيلي ۽ ماجد خاصخيلي کي لاڙڪاڻي اسپتال علاج لاءِ داخل ڪرائي پوليس ڪسٽيڊي ۾ رکيو ويو آهي هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڏوڪري
خاصخيلي برادري
0 تبصرے