English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاق ۽ پنجاب سنڌ تي حملي آور آھن. ڪئنال منصوبا سنڌ کي قبرستان بڻائي ڇڏيندا: اياز لطيف پليجو
views
|
17th Jun 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پنجاب حڪومت پاران بجيٽ ۾ سنڌ دشمن منصوبن لاءِ پئسا رکڻ جي مذمت
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پنجاب حڪومت پاران بجيٽ ۾ سنڌ دشمن منصوبن چولستان، چوبارہ، جلال پور ڪئنالن لاءِ پئسا رکڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ وفاق ۽ پنجاب سنڌ تي حملي آور آھن. ڪئنال منصوبا سنڌ کي قبرستان بنائي ڇڏيندا. چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ملڪ خلاف وڏي سازش آھن. وفاق ۽ پنجاب جو ڪردار سنڌ لاءِ اسرائيل جھڙو آھي. سنڌ کي ھڪ طرف مال غنيمت بنائي لٽيو پيو وڃي ٻئي طرف درياھ تي ڌاڙي ھڻڻ جا منصوبا جوڙي ڪروڙين ماڻھن کي اڃ ۽ بک وگھي مارڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي ماڻھن وٽ 2 رستا آھن يا اھي خاموش ٿي قاتل منصوبا قبول ڪن يا سنڌ ۽ پنھنجي نسلن جي بقا لاءِ مستقل جدوجھد جي ميدان تي اچي سمورا قاتل منصوبا ختم ڪرائين. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪروڙين ماڻھو چولستان سميت 6 نوان ڪئنال رد ڪري چڪا آھن. وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻھن کي خاطري ڪرائي چڪي آھي تہ ڪو بہ ڪئنال نہ ٺاھيو ويندو، ان باوجود پنجاب حڪومت پاران تڪراري ۽ قاتل منصوبن خلاف بجيٽ ۾ پئسا رکڻ کليل سنڌ دشمني آھي. جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي گھٽ آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ جي احتجاج ۽ آواز کي نظرانداز نہ ڪيو وڃي. فوري طور تي ڪينالن لاءِ رکيل بجيٽ واپس ڪئي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے