عمرڪوٽ: آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ تقريب، نامور شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا

عمرڪوٽ: آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ تقريب، نامور شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پارس آرٽس ويلفيئر آرگنائيزيشن جي زير اهتمام سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ "آپريشن بنيان المرصوص" جي ڪاميابي جي خوشيءَ ۾ هڪ شاندار ۽ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان وابسته علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ مير هزار خان رند سميت ڪيترن ئي معزز مهمانن شرڪت ڪئي، تقريب دوران سوشل ورڪرز، سماجي اڳواڻن، فنڪارن ۽ ٻين خدمتي شعبي سان تعلق رکندڙن کي سندن خدمتن جي اعتراف طور ايوارڊ سان نوازيو ويو، ايوارڊ حاصل ڪندڙن ۾ سينيئر وائيس پريزيڊنٽ مسلم ليگ (ن) ضلع عمرڪوٽ سيد صفدر شاهه، نامور سياسي اڳواڻ مير هزار خان رند، علي نواز رند ۽ نيلم ڪماري جا نالا نمايان رهيا، جڏهن ته نيلم ڪماري جو ايوارڊ سندس نمائندي طور موهن لال موتي وصول ڪيو، تقريب دوران مهمانن آپريشن بنيان المرصوص جي قومي سطح تي ڪامياب حڪمت عملي ۽ پاڪستان جي تحفظ لاءِ ان جي اهميت تي روشني وڌي، جڏهن ته آرگنائيزيشن پاران امن، ثقافت، هم آهنگي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو ويو.