ملير: بهادر آباد جا رهواسي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي ويا

ملير: بهادر آباد جا رهواسي بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پهچي ويا

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بهادر آباد ڪراچي جو رهواسي سيد خاندان پوليس جي ظلم ۽ علائقي جي بااثرن جي غنڊه گردي کان تنگ اچي پريس ڪلب پهچي ويو، بهادر آباد پوليس جا رهواسي، اهلڪار ۽ علائقي جا غنڊه اسان کي زوري گهر خالي ڪرائي لڏائن چاهن ٿا ۽ پوليس سان گڏجي زوري گهر ۾ داخل ٿيڻ فائرنگ ۽ پٿراء ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن، آئي جي سنڌ، ايس ايس پي، ايس ايڇ او بهادر آباد نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن، محمد يوسف شاھ، رمضان شاھ، بلال شاھ ،حڪيم شاھ ۽ ٻين جي پريس ڪانفرنس، تفصيل موجب بهادر آباد ڪراچي جا رهواسي سيد خاندان جي محمد يوسف شاھ، رمضان شاھ، بلال شاھ ،حڪيم شاھ ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي بهادر آباد پوليس اهڪارن ۽ علائقي جي بااثرن عرفان نيازي ، شاڪر رند ، ڊيوٽي آفيسر ثاقب، ملنگي عرف عالمگير تي الزام هنيو آهي ته بهادر آباد پوليس جا رهواسي اهلڪار ۽ علائقي جا غنڊه اسان کي زوري گهر خالي ڪرائي لڏائن چاهن ٿا ۽ پوليس سان گڏجي زوري گهر ۾ داخل ٿي فائرنگ ۽ پٿراء ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيا آهن هنن چيو ته بهادر آباد پوليس جي ڄاڻايل اهلڪارن مخالفن کان رشوت وٺي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي مخالفن جي غنڊه گردي خلاف جيڪا به درخواست ڏيون ٿا پوليس اٽلو اسان تي ئي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائي ٿي ۽ بعد ۾ رشوت وٺي ڇڏي ڏي ٿي جنهن جو مثال ڪيس نمبر 366 , 355, 337 آهن سيد يوسف شاھ وڌيڪ چيو ته اسان جي مخالفن منهجي پٽ کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پوليس طرفان مدد نه ڪرڻ تي 30 هزار روپيا ڀري ڇوڪري کي ڇڏايو سين هن وقت اسان جي زندگي ڌاء تي لڳل آهي روز صبح ڌاري هٿيار بند مخالف گهر اڳيان فائرنگ ڪن ٿا جنهن سبب اسان جو گهرن کان ٻاهر نڪري به مشڪل ٿي ويو آهي هنن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي، ايس ايڇ او بهادر آباد کي اپيل ڪئي ته جاچ ڪري مخالفن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.