ڪراچي ۾ قومي هيروز کي آئيڪن ايوارڊ سان نوازڻ واري شاندار تقريب منعقد

ڪراچي ۾ قومي هيروز کي آئيڪن ايوارڊ سان نوازڻ واري شاندار تقريب منعقد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)10هين آئيڪن آف دي نيشن ايوارڊ جي شاندار تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ قومي هيروز کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. تقريب جو انتظام آئيڪن پي آر اينڊ ڪميونيڪيشن، اسٽينڊرڊس گزيٽ انٽرنيشنل ۽ سنڌ جرنلسٽس نيٽورڪ (سجن) پاران ڪيو ويو. پروگرام ۾ سنڌ جي صلاحڪار براءِ پبلڪ هيلٿ سليم بلوچ، سنڌ سيڪريٽري ڪلچر خير محمد ڪلوڙ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر امجد شاهه سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. چيئرمين رحمت الله ميمڻ ۽ سي اي او عظمٰه صابر جي ڏهن سالن جي مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾ آئيڪن ايوارڊ کي قومي سطح تي مڃتا ملي آهي. سول سوسائٽي طرفان ايوارڊ جي اهميت کي اجاگر ڪندي، بغير ڪنهن تعصب جي مستحق هيروز جي چونڊ تي زور ڏنو ويو. فلم، ٽي وي، تفريح، ڪاروبار، صحافت، اين جي اوز، اسپورٽس، انجنيئرنگ سميت ٻين شعبن مان به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن ۽ ادارن کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. ليجنڊري فلم اسٽار منور سعيد، ممتاز بيگم ۽ ٻين کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. آئيڪن ايوارڊز جي باني ۽ چيئرمين رحمت الله ميمڻ، سي اي او عظمٰه صابر ۽ منصور مغريءَ پنهنجي خطاب ۾ مالي اثر رسوخ يا سفارش جي نفي ڪندي، ميرٽ جي بنياد تي ايوارڊز ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ايوارڊ شو کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ ڪيترين ئي تجويزن تي عمل ڪيو ويندو. مقررين نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. مهمان خصوصي سليم بلوچ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، خير محمد ڪلوڙ، امجد شاهه سميت ٻين مقررن ميرٽ تي مبني چونڊ جي عمل کي ساراهيو ۽ مستحق شخصيتن جي خدمتن کي مڃتا ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. آئيڪن آف دي نيشن ايوارڊز گذريل ڏهن سالن دوران ڪيترين ئي مشڪلن کي منهن ڏنو آهي، پر عزم ۽ استقلال سان شاندار ڪاميابي ماڻي آهي. ايوارڊ پاڪستان جي سولين سوسائٽي جو سڀ کان وڏو ايوارڊ بڻجي چڪو آهي. ڪراچي جهڙي مصروف ۽ متحرڪ ميٽروپوليٽن شهر ۾ ڪيترن ئي پروگرامن جي موجودگي باوجود آئيڪن ايوارڊ جي تقريب ۾ شوبز، ميڊيا، ڪارپوريٽ سيڪٽر جي نمايان شخصيتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت، ايوارڊ جي اهميت جو ثبوت آهي. هن ايوارڊ شو جو هر سال شدت سان انتظار ڪيو ويندو آهي، ڇو ته ان جي پليٽفارم تان انهن خاموش هيروز کي سڃاڻپ ملي ٿي، جيڪي اڪثر نظر انداز رهجي ويندا آهن. آئيڪن ايوارڊ جو بنيادي مقصد نامور شخصيتن جي چمڪ دمڪ بدران انهن جي خلوص نيتن ۽ اثرائتي ڪم کي تسليم ڪرڻ آهي. رحمت الله ميمڻ ۽ عظمٰه صابر گذريل ڏهن سالن کان خاموشيءَ سان لڳاتار هن ايوارڊ شو کي منظم ڪري سماج جي سچي خدمتن کي سڃاڻي رهيا آهن. هن سال رحمت ميمڻ صحت جي سنگين چئلينج باوجود ايوارڊ شو جي هر مرحلي جي نگراني ڪري بهترين معيار کي يقيني بڻايو، جيڪو ايوارڊ جي شناخت بڻجي چڪو آهي.تقريب جو هڪ قابل ذڪر پهلو ڪراچي جي ڪاروباري برادري جي موجودگي ۽ تعاون هو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نجي شعبي به سول سوسائٽي جي ترقي ۽ سڃاڻپ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. ماحوليات جي ماهر مسعود لوهار تقريب دوران ماحولياتي بحرانن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪندي ٻڌايو ته گذريل ٻن هفتن دوران ڪراچي ۾ 52 زلزلا آيا آهن، پر بدقسمتي سان اهڙي هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به تياريون ناهن. اهڙي طرح 30 ملين آباديءَ لاءِ اڃا تائين واٽر سيوئج جو ڪو پلانٽ موجود ناهي.اها تقريب صرف ايوارڊ شو ناهي، بلڪه سچن هيروز جي مڃتا جي تحريڪ آهي. هتي موجود مهمان خصوصي ۽ ڳالهائيندڙن سچائي، محنت، خلوص ۽ بي غرض خدمت کي سلام پيش ڪيو، ڇو ته اصل هيرو اهي آهن جيڪي خاموشيءَ سان وڻ پوکين، ٻارن کي پڙهائين، بيمارن جو علاج ڪن ۽ مظلومن جي مدد ڪن. ايوارڊ شو جي آرگنائيزرز، چيئرمين آئيڪن پي آر اينڊ ڪميونيڪيشن رحمت الله ميمڻ، چيف ايڊيٽر اسٽينڊرڊس گزيٽ انٽرنيشنل ۽ چيئرمين سنڌ جرنلسٽس نيٽورڪ شرڪت ڪندڙن جا ٿورائتا ٿيا.تقريب دوران ايوارڊ سان نوازيل شخصيتن ۾ نعت خوان حامد رضا، محمد ارشاد، انجم قريشي نعت خوان قومي اسيمبلي، تاجر هارون نواز، سعيد حنيفيه، رفاعه ملاح (رجسٽرار تعليم کاتو)، سماجي اڳواڻ اعجاز علي ڇجڙو (چيئرمين بين المذاهب اين جي او)، جانورن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن سيد فيصل رومي، گلوڪار وحيد خيال، جمال اڪبر (موسيقي جي دنيا جو وڏو نالو)، فاخر محمود، ٽي وي اسٽار عينا آصف، شاهين خان، عاصم محمود، آلے خان، ساره عمير صديقي، الما جعفري، دانش مقصود، سليم معراج، لائيف ٽائيم اچيومينٽ لاءِ ممتاز بيگم ۽ منور سعيد شامل هئا. ان سان گڏ خير محمد ڪلوڙ (سيڪريٽري ڪلچر، سياحت و آرڪائيوز)، اسپورٽس ۾ جهانگير خان (جونيئر اسڪواش پليئر)، عاليه سومرو (پهرين خاتون باڪسر)، ارحم بن فرخ (ٽيبل ٽينس اسٽار)، صحافي اختيار کهوکر، ڪالم نگار نديم مولوي، ساهير لودهي، ڊراما ڊائريڪٽر سيد ميسم نقوي، ڊراما رائيٽر امبر اظهر، الغوزه نواز اڪبر خميسو خان، استاد فرحان رئيس خان (ستار پليئر)، مصور و خطاط سيد عبدالعرفان، ماحوليات لاءِ مسعود لوهار، ايس آءِ يو ٽي مان سينيئر ڊاڪٽر مرلي لال، ڊاڪٽر پروفيسر جاويد اڪبر سيال، امجد شاهه (جي ايم پي ٽي وي)، رفيق رحمان ميمڻ (ڪمشنر فيڊرل بورڊ آف ريونيو)، محمد سليم بلوچ (پبلڪ هيلٿ جو مشير)، منھاج گلفام (صدر ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن)، حسن نقوي (ڪمشنر ڪراچي) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا.آخر ۾ آئيڪن ايوارڊ جي سي اي او عظمٰه صابر مهمانن جا ٿورا مڃيا.