English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: ڳوٺ آمون سمون جي زخمين جو مبينا حملو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو
views
|
19th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
3ڏينهن اڳ چئن ڄڻن ڪهاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري مون کي پٽ سميت زخمي ڪيو: يار محمد سمون
ٺٽو(ڊر) گلمنڊا لڳ ديھ سمڪي جي ڳوٺ آمون سمون جي رھواسي سول اسپتال مڪلي ۾ داخل زخمي پيء ۽ پٽ يار محمد سمون ۽ سندس پٽ قادر بخش سمون صحافين سان ڳالھائيندي چيو اھي تہ 3 ڏينھن اڳ گلمنڊا شھر کان موٽر سائيڪل تي ڳوٺ ويندي ڳوٺ ڀرسان سندن ڳوٺ جي رھواسي چئن ڄڻن عبدالرحمن سمون، ڪاڪا سمون، الھڏنو سمون ۽ پسند سمون مٿن ڪھاڙين ۽ لٺين سان حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن، حملي ۾ سندن ٻانھون ۽ ٽنگون پڻ ٽٽي ويون آھن، جنھن ڪري سندن معذور ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو اھي، ھنن چيو تہ حملي آورن خلاف مڪلي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ڪرايو اھي، پر مڪلي پوليس بااثر حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، جيڪي وڌيڪ موتمار ڌمڪيون ڏيئي وڌيڪ اسانکي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، زخمي يار محمد سمون ۽ سندس پٽ قادر بخش سمون چيو تہ مذڪورہ حملي آور ھڪ مھينو اڳ بہ درياء خان سمون تي حملو ڪري کيس سخت زخمي ڪيو ھو، جيڪو پڻ اڃان تائين علاج ھيٺ آھي، جنھن جو پڻ ڪيس مڪلي ٿاڻي تي درج ڪرايو ويو ھو، پر مڪلي ان کي توڙي اسان کي زخمي ڪندڙ حملي آورن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي، ھنن چيو تہ ھو علاج ھيـٺ سول اسپتال مڪلي م داخل آھن تہ بااثر جوابدار سندن گھرن تي ھلان ڪري سندن گھر ڀاتين کي حراسان ڪري انھن کي موتمار ڌمڪيون ڏيئي انھن کي پڻ خوفزدہ ڪري ڇڏيو اھي، جنھن ڪري اسان سخت پريشان آھيون. ھنن چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ، سيشن جج ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کي اپيل ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري کين تحفظ مھيا ڪرڻ سميت کين زخمي ڪندڙ سمورن حملي آور جوابدارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪرڻ سميت انصاف لاء عدالت ۾ وينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
پٽ يار محمد سمون
سمڪي جي ڳوٺ آمون سمون
0 تبصرے