English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ملازمن جو مبينه ڪرپشن خلاف احتجاجي لانگ مارچ شروع
views
|
26th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
انجنيئر جاويد ٽانوري جعلي بِل ٺاهي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي: ساگر يوسف منگي
نوشهروفيروز(ڊ ر)مبينه ڪرپشن خلاف اسڪارپ ملازمن جو احتجاجي لانگ مارچ شروع، خبر موجب اسڪارپ ايمپلائيز يونين جي سڏ تي ملازمن طرفان نوشهروفيروز مان احتجاجي پيادل لانگ مارچ شروع ڪيو ويو۔ لانگ مارچ ۾ ملازمن مبينه ڪرپشن ۽ انجنيئر جي زيادتين خلاف نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته شهيد اڳواڻ اقبال لاڙڪ جي قاتلن کي گرفتار ڪري وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي۔ يونين جي صدر ساگر يوسف منگي جو چوڻ هو ته انجنيئر جاويد ٽانوري ڪرپشن جو مرڪزي ڪردار آهي، جيڪو جعلي بِل ٺاهي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي۔ سيڪريٽري آبپاشي سميت لاڳاپيل عملدارن کي ثبوت ڏيڻ باوجود هن خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي آهي۔ ان موقعي تي آل سنڌ ٽريڊ يونين فيڊريشن جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ياسر اقبال لاڙڪ چيو ته ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب ضلعي ۾ 500 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند آهن، جنهن ڪري آبادگارن کي سخت نقصان پهچي رهيو آهي۔ هن اعلان ڪيو ته 5 آڪٽوبر تي هزارين ملازم حيدرآباد ۾ چيف انجنيئر ايريگيشن جي آفيس آڏو ڌرڻو هن ڪندا۔ ساگر يوسف منگي وڌيڪ ٻڌايو ته 600 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند ٿيڻ ۽ بجيٽ جي خردبرد خلاف وڏي پيماني تي احتجاج جاري آهي۔ ملازمن جو مطالبو آهي ته وزيراعليٰ سنڌ، گهرو وزير ۽ وزير آبپاشي ڪرپٽ مافياز خلاف فوري ڪارروائي ڪن۔ لانگ مارچ ڪندڙ ملازمن کي ضلعي بار ڪائونسل جي وڪيل برادري به مڪمل حمايت جو اعلان ڪندي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪامپليڪس پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ملازمن
انجنيئر جاويد ٽانوري
نوشهروفيروز
0 تبصرے