English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي ۾ قتل ٿيل ڳوٺ سعد خان لاکو واسي نوجوان جي وارثن جو نوشهروفيروز ۾ احتجاج
views
|
02nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
آريان مستوئي روزگار سانگي ڪراچي ويو هو، کيس ڏيڍ مهينو اڳ قتل ڪيو ويو: وارث
نوشهروفيروز (ڊ ر) ڏيڍ مهينو اڳ ڪراچي جي گزري ٿاڻي جي حد ۾ ھٿياربندن هٿان قتل ٿيل ڳوٺ سعد خان لاکو جي رهواسي 18 سالا نوجوان آريان علي مستوئي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي نينگر جي امڙ مھتاب، گهرواري سائرہ، مامو نثار احمد مستوئي، ماسي آفتاب خاتون ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي دانهيندي مقتول نوجوان جي امڙ مھتاب مستوئي ۽ ٻين چيو آهي ته اسان جو نوجوان جنهن عمر 18 سال مس ٿي هئي جيڪو انٽر پاس ڪري پسند شادي کان پوءِ بيروزگار هجڻ ڪري ڪراچي ۾ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي گارڊ جي نوڪري ڪري رهيو هيو ته هٿيار بندن کيس 17 آگسٽ جي ڏينهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته ڏيڍ مهينو گذرڻ جي باوجود به گذري ٿاڻي جي پوليس اسان جي نوجوان آريان علي مستوئي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي ڇو ته جوابدار پ پ ايم پي اي امتياز شيخ جا ماڻهو آهن جن مان سندس ويگو هلائيندڙ ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪيو آهي پر بااثر هجڻ ڪري پوليس امتياز شيخ کي گرفتار نه پئي ڪري جيڪو جوابدارن جو سهولت ڪار بڻيل آهي هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آء جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوجوان آريان مستوئي جي سڀني قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏئي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے