عمرڪوٽ ۾ نوجوان جو گهرواري خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ ۾ نوجوان جو گهرواري خلاف احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ (ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي علائقي ڇور ڪينٽ جي رهواسي وڪرم ولد پدم پريس ڪلب عمرڪوٽ پهچي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس شاديءَ کي پنج سال گذري ويا آهن پر زال سان زندگي جهڳڙن سبب جهنگ بڻجي وئي آهي، وڪرم ٻڌايو ته سندس شادي کپري شهر مان ٿي هئي ۽ هن جي هڪ نياڻي به آهي، سندس والد پدم 2002ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ سڄي گهر جي گذر سفر جو ذمو وڪرم جي ڪلهن تي آهي، هو ڪراچيءَ ڪمائڻ لاءِ ويندو آهي ته جيئن گهر جو خرچ هلائي سگهي، وڪرم جو چوڻ هو ته زال سپنا کيس بار بار والدين کان الڳ ٿيڻ لاءِ چوندي رهي پر هن انڪار ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته زال بار بار بغير اطلاع جي گهر ڇڏي پنهنجي والدين وٽ هلي ويندي آهي، جنهن بابت هن ڪيترائي ڀيرا ساھرن کي به شڪايت ڏني پر ڪو اثر نه ٿيو، وڪرم صحافين کي ٻڌايو ته زال سپنا پنهنجي والدين ۽ رشتيدارن ذريعي هن کي بار بار حراسان ڪري ٿي، جن ماڻهن سندن رشتو ڪرايو هو، جن ۾ پنھل ۽ سندس نياڻو منور جي سندس زال شامل آهن، اهي به هن کي ٽارچر ۽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، وڪرم پريس ڪلب عمرڪوٽ ۾ بيحسيءَ جي حالت ۾ وس وارن ۽ عدالتن کي اپيل ڪئي ته سندس زال سان عليحدگي ڪرائي وڃي، ڇو⁠ته هن جي زندگيءَ کي هن وقت جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.