English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليو جو خاتمو اسان جو يقين آھي، عمرڪوٽ کي پوليو کان پاڪ ضلعو بڻائينداسين: نويد الرحمان لاڙڪ
views
|
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پوليو جو خاتمو اسان جو يقين آھي، عمرڪوٽ ضلعي کي پوليو کان پاڪ ضلعو بڻائڻو آهي پوليو جي مرض سبب اسان جي مستقبل جا معمار معذوري جو شڪار ٿين ٿا تنهن ڪري پوليو جو خاتمو ضروري آهي: نويد الرحمان لاڙڪ.ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ 01 سيپٽمبر کان 05 سيپٽمبر 2025ع تائين شروع ٿيندڙ انسداد پوليو مهم ڊيپيڪ (DPEC) حوالي سان ھڪ اھم اجلاس ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي درٻار ھال ۾ منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو تہ ايندڙ پوليو ايس اين آئي ڊي ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاهي کي هرگز برداشت نہ ڪيو ويندو، پوليو مهم ۾ پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي ۽ مائيڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي تہ جيئن اسان کي ڪاميابي ملي سگهي ۽ ڪو بہ ٻار پوليو جا قطرا پيارڻ کان رهجي نہ وڃي، ھن چيو تہ سمورا آفيسر گذريل پوليو مھم ۾ بھتر ڪارڪردگي رھي ۽ ھن دفعي بہ پنھنجي ڊيوٽي احسن طريقي سان سرانجام ڏين ۽ سمورا وسيلا ڪتب آڻي ھن شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي سئو فيصد ڪامياب بڻايو وڃي، ھن چيو تہ بلوچستان صوبي کان سنڌ ء پنجاب وٽ وڌيڪ وسيلا آھن جڏھن بلوچستان مان پوليو جا انوارنمينٽ سيمپل آھستي آھستي ختم ٿي رھيا آھن تہ اسان کي بہ محنت ڪرڻ گھرجي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ پوليو جو ھڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد اسان لاءِ چئلينج آھي، تنھن ڪري ھن دفعي اسان جي ذميواري وڌي وئي آهي، ان موقعي تي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، صحت کاتي جي عملدارن توڙي ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ پوليو مهم جي مانيٽرنگ ڪرڻ دوران ڪا بہ ڪوتاهي نظر اچي تہ فوري طور تي لاڳاپيل ورڪرن توڙي يوسي ايم اوز جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر پوليو مهم جي مانيٽرنگ ڪرڻ جي حوالي سان سمورن مانيٽرنگ آفيسرز کي ھدايت ڪندي چيو تہ ھن پوليو مهم جي مانيٽرنگ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن ۽ جتي بہ ڪا ڪوتاهي نظر اچي تہ ان جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ رپورٽ ڪئي وڃي جڏهن ضلعي جي داخلي ء خارجي رستن تي پڻ مڪمل ڌيان ڏنو وڃي، ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد علي نھڙي اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو تہ صحت کاتي جا سمورا لاگاپيل آفيسرن کي وڌيڪ محنت ڪرڻ گھرجي ڪوتاھي ڪندڙ خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ھن وڌيڪ چيو تہ سماجي تنظيمون ھر ڀيري پوليو دوران فور باء فور گاڏيون ڏينديون آهن ھاڻ بہ سپورٽ ڪندا، ھن تعليم کاتي جي عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ اسڪول جي استادن کي ھدايت ڪئي وڃي تہ پوليو مھم دوران شاگردن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي پوليو فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري اجلاس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ ايندڙ پوليو مھم جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن پنج سالن تائين جي عمر جي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا، جڏهن تہ ھن دفعي اسان جو ٽارگيٽ 284044 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا. ھن پوليو مھم م ٽوٽل موبائيل ٽيم 817، يوسي ايم او 46، ۽ 06 ڊسٽرڪٽ مانيٽر سميت صحت کاتي جا عملدار پوليو مھم ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا جڏهن تہ انڪورڊ ايريا کي پڻ ڪور ڪيو ويندو. ان موقعي تي اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ڊي ايس پي عمرڪوٽ تصور علي جٽ، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ٽي ايڇ اوز، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگا شنڪر، اي پي آئي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شير مھر، ڊاڪٽر عمران آخوند، پوليو ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منڱريو، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ ، ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ ھريش چندر کتري، ٽائون آفيسر ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ اويس سميجو، تعليم کاتي، اطلاعات کاتي،سماجي تنظيمن، ھينڊز جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر امام بخش خاصخيلي، صحت کاتي عملدارن، ڊي ايس ويز، ٽي ايس ويز، يوسي ايم اوز، ايريا انچارج سميت لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نويد الرحمان لاڙڪ
0 تبصرے