English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي جي ميگھواڙ برداري جو ڪنري جي آڊيٽوريم هال ۾ ميڙاڪو
views
|
24th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ميڙاڪي دوران برادري جي مسئلن جي حل ۽ سجاڳي لاءِ مھم ھلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي جي ميگھواڙ برداري جو ميڙاڪو، برادري جي مسئلن جي حل ۽ سجاڳي لاءِ مھم ھلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، تعلقي جي باڊي ۽ ميمبر مقرر ڪيا ويا. خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي جي ميگھواڙ برداري پاران ميگھواڙ پنچائت جي سري هيٺ ڪنري جي آڊيٽوريم ھال ۾ ميڙاڪو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ ضلعي جي مختلف علائقن کان ميگھواڙ برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي، “اچو ته نئون جھان جوڙيون” جي سري هيٺ ٿيل ميڙاڪي ۾ برداري جي حال ۽ مستقبل تي روشني وجھي وئي مسئلن جي حل ۽ سجاڳي مھم هلائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ان موقعي تي ميگھــــواڙ پنچائت جي ڪنري باڊي جي باڊي چونڊي وئي، جنھن تحت صدر جيون ساگر، نائب صدر رميش ڪمار، سيينيئر صدر آتم ڪمار مجناڻر، جنرل سيڪريٽري اوم پرڪاش، جوائنٽ سيڪريٽري ديوانند، خزانچي اشوڪ ڪمار، انفارميشن سيڪريٽري نندلال، پريس سيڪريٽري انيل ڪمار مڪواڻا ۽ آفيس سيڪريٽري لاءِ ڀيمون مل کي چونڊيو ويو جڏھن ته 16 رڪني اعزازي ميمبر پڻ چونڊيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن ضلعي صدر گوتم بيراڻي، رميش پارواڻي، قيمت راءِ، منون مل کوکر، مھاديو ميگھواڙ، اوم پرڪاش، روي شنڪر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جو مقصد ماڻھن جي ڀلائي ۽ گڏيل ترقي آھي، اڳ جي دور کان هن وقت ميگھواڙ برادري هر شعبي ۾ تمام گھڻي ترقي ڪئي آھي، پاڻ ۾ ٻين بردارين جيان هڪ ٿي ھڪٻئي جا ڏک سک جا ساٿي بڻجن ۽ برداري جي اڳتي وڌائي سگهون. هنن چيو ته غريبن کي تعليم ۽ علاج ملي بيمارن ۽ يتيمن جو سهارو بڻجي بيروزگار نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ آھي، نشيءَ ۽ فضول رسمن کي ختم ڪري، ڀائيچاري، محبت، ايڪتا ۽ اتحاد کي وڌائي اڳتي وڌنداسين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته تعليم ئي واحد ذريعو آھي جنھن جي وسيلي اسان پنھنجي برداري ۾ شعور، سجاڳي پيدا ڪنداسين، خودڪشي جي وڌندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ جاڳرتا مھم هلائينداسين ۽ ديناوي تعليم سان گڏ مذھبي تعليم به ڏينداسين ۽ نوجوانن ۽ نياڻين جي ڪيريئر ڪائونسلگ ڪري زندگي جي ھر شعبي ۾ پاڻ مڃرائي وڌ کان وڌ ترقي ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ ضلعي جي
ميگھواڙ برداري
ڪنري جي آڊيٽوريم هال
0 تبصرے