English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ حڪومت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: مڪيش ڪمار چاولا
views
|
01st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پنجند کان ايندڙ پاڻي شام تائين سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جنهن کان پوءِ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي
شڪارپور (احسان ابڙو ) سنڌ حڪومت سيلابي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار، مڪيش ڪمار چاولا جي ميڊيا بريفنگ تفصيل موجب اڄ شڪارپور ۾ سيلابي صورتحال بابت صوبي جي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ايمرجنسي فوڪل پرسن مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته سنڌ حڪومت هر ممڪن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن اها ڳالهه شڪارپور ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪئي. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پنجند کان ايندڙ پاڻي شام تائين سنڌ ۾ داخل ٿيندو، جنهن کان پوءِ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي. هن ٻڌايو ته ضلعي ۾ ٻئي ڏينهن پڻ اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ صحت ۽ لائيو اسٽاڪ جي سهولتن سان گڏ متاثر خاندانن جي بروقت ريسڪيو ۽ امداد لاءِ جامع پلان تيار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي مختلف هنڌن تي 30 رليف ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن، جتي متاثر خاندانن کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته آبپاشي کاتي جو عملو به دريائي بندن جي نگراني تي مقرر آهي، جيئن ڪنهن به ممڪن خطري کي وقت سر روڪي سگهجي. اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا سان گڏ ، ايم پي اي محمد عارف خان مھر، صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو، ايم پي اي امتياز شيخ ،ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ، صوبائي مشيرن ۽ لاڳاپيل کاتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته امن امان قائم رکڻ لاءِ خاص حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي ۽ سڀني ادارن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
مڪيش ڪمار چاولا
شڪارپور
سنڌ حڪومت
0 تبصرے