English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور: ڊي سي آفيس ۾ اين آءِ ڊي ريڊينيس پوليو بابت گڏجاڻي
views
|
28th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
02 آڪٽوبر کان 08 آڪٽوبر تائين پوليو مهم ٿي رهي آهي: ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو
شڪارپور ( احسان ابڙو ) اين آءِ ڊي ريڊينيس پوليو گڏجاڻي 02 آڪٽوبر کان 08 آڪٽوبر تائين پوليو مهم ٿي رهي آهي. ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو زيرو ڊوز 99 فيصد مڪمل ٿي چڪو آهي. بريفنگ تفصيل موجب 02 آڪٽوبر سومر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جي تيارين بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻيءَ جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ بريفنگ ڏيندي ڊي پي سي آر انچارج ڊاڪٽر امتياز حسين ميتلو ٻڌايو ته آڪٽوبر واري اين آءِ ڊي پوليو مهم 02 تاريخ کان شروع ٿيندي، جيڪا 7 ڏينهن تي مشتمل هوندي. هن ٻڌايو ته هن دفعي 3 لک 42 هزار 5 سئو 59 اڻهٺ ٻارن کي پوليو جا قطرا پياريا ويندا، جنهن لاءِ 730 گشتي ٽيمون ٺاهيون ويون آهن. تعلقي شڪارپور 15، خانپور 10، لکي غلام شاهه 11، ڳڙهي ياسين 13 جون يوسيون شامل آهن. هن ٻڌايو ته يوسي نم ۽ نوشهرو ۾ ٽيمن سان گڏ پوليس سڪيورٽي ڏني وڃي ۽ مائڪرو پلان ۾ سڀ يوسيون پاس رهيون آهن هن چيو ته مائيڪروپلان ۾ يوسي 2 ۽ ڪجهه يوسين ۾ سڪيورٽي جو مسئلو درپيش آيو. وارياسو ۽ ٻانڀيهڙ يوسي جيڪا ڳڙهي ياسين جي حد ۾ آهي اتي اسان کي پوليس فورس ۽ مانيٽرنگ کي وڌائڻو پوندو. هن چيو ته هن وقت اڃان به وڌيڪ ويڪسين اچي پئي ۽ اسان هن دفعي 99 فيصد زيرو ڊوز ٻار مڪمل ڪيا آهن. هن چيو ته هن دفعي اسانجون 40 ٽرانزٽ پوائنٽون آهن. گڏجاڻيءَ سان ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي چيو ته پوري ضلعي ۾ جتي به پوليو ٽيمن کي پوليس سڪيورٽيءَ جي ضرورت پوندي ته اسين سڪيورٽي مهيا ڪنداسين. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ چيو ته ايندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ مائڪرو پلان تي عمل ڪيو وڃي ۽ اي پي آءِ وارا روزانه جي بنياد تي پنهنجي فيلڊ ڪم جاري رکن ۽ ٻارن کي 6 حفاظتي بيمارين جا ٽڪا لڳائن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
شڪارپور
پوليو مهم
0 تبصرے