English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهگهر ويجهو سسئي ٽول پلازه وٽ جهيڙو، فائرنگ، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي، ڪيترائي زخمي
views
|
06th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪٻئي تي پٿراءُ، لٺين ۽ سيخن جو وسڪارو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهگهر لڳ سسئي ٽول پلازه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، پٿراءُ لٺين ۽ لوهي سيخن جو استعمال، ڪيترائي ماڻهو زخمي، علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو، عورتون ۽ مرد ڪيهاٽ ڪندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا، سوين ماڻهن جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو، اسان جي ڳوٺ مٿان بلا جواز ڪاهه ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو آهي، جوابدار فوري طور تي گرفتار ڪيا وڃن، گلاب کوسو ۽ سينگار بليدي جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب، گهگهر لڳ سسئي ٽول پلازه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، هڪ ڌر جا هٿياربند ماڻهو فائرنگ ڪندا مراد کوسو ڳوٺ گهرن ۾ گهڙي پيا ته عورتن ۽ ٻارن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، جھيڙي ۾ لٺين ۽ لوهي سيخن جي آزادانه استعمال سبب قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ سينگار بليدي سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا ۽ علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو مڇريل ماڻهن جواب ۾ پٿراءُ ڪري ڏنو ان سلسلي ۾ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل سينگار بليدي ۽ ڳوٺ جي معزز گلاب کوسو صحافين کي ٻڌايو ته معمولي ڳالهه تان ٻن ڌرين پٺاڻ ۽ سنڌين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن سبب فائرنگ ڪئي وئي عورتون مرد ٻار گهرن مان ٻاهر نڪري آيا شديد پٿراءُ ڪيو ويو ۽ هڪٻئي مٿان لٺين جا وسڪارا هوائي فائرنگ ڪئي وئي سندن چوڻ هو ته پٺاڻن اسان جي ڳوٺ تي بلا جواز ڪاھ ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي اسان جي عورتن مٿان حملو ڪيو ويو آهي فائرگ ڪئي وئي آهي جوابدار گرفتار ڪري مٿن دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن، جڏهن ته ڳوٺ جي عورتن ۽ مردن سميت قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Oct 2025
•
سندھ
شہنشاہ حسین اور امتیاز الحق بخاری کی تجارتی شراکت داری پاکستانی بزنس کو بین الاقوامی سطح پر وسعت دینے کا عزم
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
عياشيءَ جي ڇانوَ ۾ لتاڙيل زندگي!
06th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
برصغیر کے سرحدی خطوں میں انڈس تہذیب کا تاریخی و ثقافتی تسلسل
06th Oct 2025
•
سندھ
محمد طحہٰ منیر کی شادی و ولیمہ، بینک کار، کاروباری، تجارتی وسماجی شخصیات شریک
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاٻي چورن کان بچڻ لاءِ پوليس پاران عوامي جاڳرتا مهم شروع
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ندي مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ،ميمڻ گوٺ، سُڪڻ ۽ ابراهيم حيدري پوليس جون ڪامياب ڪارروايون، ڪيترائي ڏوهاري گرفتار
06th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: گلشن حديد ۾ صحافي اعجاز شيخ جي پٽ کان هٿيارن جي زور تي ڦر
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گهگهر
سسئي ٽول پلازه
0 تبصرے