English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ سماجي تنظيم پاران تعليم جي واڌاري لاءِ سيمينار منعقد
views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
تعليمي سيمينار ۾ 60 اسڪولن جي شاگرن توڙي شاگردياڻي وڏي انگ ۾ حصو ورتو
سجاول (گلشيرميربحر ) سجاول ۾ هڪ سماجي اداري مسلم هينڊز پاران تعليم جي واڌاري لاءِ شايان هال سجاول ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ 60 اسڪولن جي شاگرن توڙي شاگردياڻي حصو ورتو، شاگردن مختلف قسمن جا سائنسي ماڊلز ۽ پروجيڪٽ ٺاهي نمائش لاءِ رکيا ۽ ٽيبلو پڻ پيش ڪيا، ڊي سي سجاول زاهدحسين رند. پي ڊي ايم ڊائريڪٽر امداد حسين صديقي، اي ڊي سي ون عبدالڪريم سنگراسي، شوسل ويلفيئر ايڊيشنل ڊائريڪٽر رياض ميمڻ، ڊي ايڇ او سجاول ڊاڪٽرغلام فاروق چانڊيو، وو مين پروجيڪٽ آفيسر شمس النساءِ، ڊپٽي ڊي او اشرف شاعر. نجيب سرويچ. خالد سمون ۽ مختلف علمي ادبي اڳواڻن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ شاگردن پاران لڳايل سائنسي ماڊلز جو دورو ڪري شاگردن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي، ان موقعي تي ڊي سي سجاول زاهد حسين رند سيمينار منعقد ڪرائيندڙ مسلم هينڊس پروگرام آرگنائيزر ڪاشف قريشي، دانش، عديل شيخ، ذوالفقارعلي شاه ۽ بابر شيخ ۽ ٻين چيو ته هن سمينار جو مقصد شاگردن جي هٿ جي هنر واري ٽئلينٽ کي اجاگر ڪرڻ آهي. شاگرد صرف پنهنجي ڪتابن تائين محدود ناهن بلڪه پنهنجي عملي ڪم ذريعي به پنھنجو ٽيلنٽ ثابت ڪري سگهن ٿا، اهڙا سيمينار منعقد ڪرڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو. ۽ اهڙين سرگرمين سان انهن جي تعليم ۾ اضافو پڻ ٿئي ٿو. آخر ۾ ٽيبلو پيش ڪندڙ شاگردن کي انعام ڏنا ويا،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Aug 2025
•
پاکستان
بینظیر بھٹو گریجویٹ اسکالرشپس آکسفورڈ میں بلوچستان کے طلبا کے لیے سنہری موقع
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
بانی پی ٹی آئی نے محمود اچکزئی کو قومی اسمبلی میں اپوزیشن لیڈر کیلئے نامزد کردیا
20th Aug 2025
•
تازہ ترین
اورنگی ٹاؤن میں زوردار دھماکے سے سیاسی جماعت کا دفتر زمین بوس، 7 زخمی
20th Aug 2025
•
کھیل
مصری اسٹرائیکر محمد صلاح نے تیسری بار ’پلیئر آف دی ایئر‘ ایوارڈ جیت لیا
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو ۾ نوجوان ناري نياڻي کي جنم ڏيڻ بعد فوت، وارثن جو ڊاڪٽرياڻي تي غفلت جو الزام
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين پاران برساتي ايمرجنسي دوران هدايتون جاري
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ برسات جو ٻيو ڏينهن، زندگي مفلوج, سڪڻ ندي م فاٿل اٺن ڳوٺاڻن کي بچايو ويو
20th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ پوليو جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽيءَ جي گڏجاڻي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سجاول
0 تبصرے