اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

سکر ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ايل پي جي دڪانن تي ڇاپا، 5 کان وڌيڪ دڪان سيل، ڏنڊ به هنيو ويو

سنڌي خبرون 30th Jul 2024 322 مناظر
سکر ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ايل پي جي دڪانن تي ڇاپا، 5 کان وڌيڪ دڪان سيل، ڏنڊ به هنيو ويو

سکر ۾ عورت اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ايل پي جي دڪانن تي ڇاپا، 5 کان وڌيڪ دڪان سيل، ڏنڊ به هنيو ويو

سکر(بيورو) اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي صوبيه فلڪ رائو پاران ايل پي جي دوڪاندارن خلاف ڪاروائي. وڌيڪ اگهه وٺڻ، بليڪ تي وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 5 کان وڌيڪ دوڪانون سيل، ڏنڊ مقرر، اسٽيشن روڊ سميت مختلف علائقن ۾ ايل پي جي، جي دوڪانن جو اوچتو اسسٽنٽ ڪمشنر دورو ڪيو. اضافي اگهه وٺڻ، ايل پي جي بليڪ تي فروخت ڪرڻ تي پنج دوڪانن کي سيل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر صوبيھ فلڪ رائو جو چوڻ ھو تھ دوڪاندارن مٿان جرمانو به لڳايو ويو آهي. ايل پي جي گئس دوڪانن جي الڪن کي سختيءَ سان ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي هدايت. اوڳرا پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ مطابق ايل جي پي گئس فروخت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ