جمعہ، 16 اکتوبر 2026
بریکنگ

پنجاب جي شڪارين پاران نوشهروفيروز جي ٻيلي مان ناياب نسل ۽ قيمتي باز شاهين جو شڪار، 42 لک رپين ۾ وڪرو

سنڌي خبرون 16th Oct 2026 6 مناظر
پنجاب جي شڪارين پاران نوشهروفيروز جي ٻيلي مان ناياب نسل ۽ قيمتي باز شاهين جو شڪار، 42 لک رپين ۾ وڪرو
نوشھروفيروز (ڊ ر) پنجاب کان آيل شڪارين نوشهروفيروز جي ٻيلي مان ناياب نسل ۽ قيمتي باز شاهين جو شڪار ڪري 42 لک رپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو۔ عدالتي حڪم تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل۔ 4 جوابدار گرفتار۔ جيل حوالي۔ وائلڊ لائيف (جيوت کاتي) نوشهروفيروز جي گيم انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ مطابق نوشهروفيروز جي مياڻي ٻيلي مان پنجاب کان ايندڙ شڪارين ناياب نسل جي قيمتي باز شاهين جو شڪار ڪري ماسٽر وسيم سهتو جي اوطاق تي ڊيلر گهرائي ان جو واڪ لڳرايو جنهن کي جيڪب آباد واسي ڊيلر وسيم حق 42 لک 42 هزار رپين ۾ خريد ڪيو۔ اهڙي اطلاع ملڻ تي وائلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر جاويد احمد مهر۔ ڊپٽي ڪنزرويٽر داره منير قاضي جي حڪم تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي 4 جوابدارن علم الدين سولنگي۔ عظيم بخش۔ جانب۔ عمر فاروق سولنگي کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ جڏهن ته وسيم سهتو۔ ڊيلر وسيم حق سميت ٻيا 15نامعلوم جوبدار روپوش آهن۔ گيم انسپيڪٽر غلام مرتضي خشڪ جو چوڻ هو ته ٻن جوابدارن جي عمر گهٽ هجڻ ڪري کين سکر ٻارن واري جيل موڪليو ويو آهي ۔ هن چيو ته غيرقانوني پکين جو شڪار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو روپوش جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو۔ ان موقعي تي گارڊ پرويز احمد ڀرٽ۔ بهادر خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ