اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ: زال گھر ڇڏي ٻي شادي ڪري ڇڏي، نوجوان 4 معصوم نياڻين سميت زھر پي آپگھات جي ڪوشش

سنڌي خبرون 16th Oct 2026 26 مناظر
عمرڪوٽ: زال گھر ڇڏي ٻي شادي ڪري ڇڏي، نوجوان 4 معصوم نياڻين سميت زھر پي آپگھات جي ڪوشش
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي جي علائقي ڍورونارو ڀرسان ڳوٺ حاجي نواب علي راڄڙ ۾ بلديہ جي رهواسي 30 ورهين جي کيمچند ڪولهي پنهنجي چئن معصوم نياڻين سميت زهريلي دوا پيئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ چارئي نياڻيون بيهوش ٿي ويون، اطلاع ملڻ تي ڳوٺاڻن متاثرن کي ترت رورل هيلٿ سينٽر ڍورونارو پهچايو، جتي کين ابتدائي طبي امداد ڏيڻ بعد حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ سبب وڌيڪَ علاج لاءِ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، متاثر نياڻين ۾ ستن ورهين جي جمنا، پنجن ورهين جي ليلا، چئن ورهين جي پوٻي ۽ ٻن ورهين جي وجئہ شامل آهن، وارثن موجب، ٻه مهينا اڳ کيمچند ڪولهي جي زال ڀرمي ڪولهي مبينا طور وزير پٽ پوپٽ اوڏ سان پسند جي شادي ڪري پنهنجي مڙس ۽ چئن نياڻين کي ڇڏي هلي وئي هئي، وارثن جو چوڻ آهي ته گهريلو پريشانين ۽ ان واقعي جي صدمي سبب کيمچند اهو انتهائي قدم کنيو، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڇانئجي وئي، جڏهن ته پيءُ ۽ چئن معصوم نياڻين جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي هئڻ سبب وارث سخت پريشان آهن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ