صوبائي وزير شاهينه شير علي ۽ ڪنهيا موهن لال جي ملاقات
سنڌ جي عورتن جي بااختياريءَ ۽ حقن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سنڌ ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين جي نئين مقرر ٿيل ميمبر ۽ سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي سي اي او ڪنهيا موهن لال، عورتن جي ترقيءَ واري صوبائي وزير شاهينه شير علي سان ڪراچيءَ ۾ پهرين باضابطا ملاقات ڪئي، ملاقات دوران سنڌ ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صنفي برابري، عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سماجي توڙي معاشي ترقيءَ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، صوبائي وزير شاهينه شير علي، ڪنهيا موهن لال کي ڪميشن ۾ ڀليڪار ڪندي عورتن جي حقن ۽ تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڏنو، ان موقعي تي ڪنهيا موهن لال چيو ته سنڌ جي عورتن کي برابريءَ جا موقعا، بنيادي حق ۽ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ڪميشن ۽ لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.