اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪوٽ غلام محمد ويجهو شادي تقريب ۾ فائرنگ،گولي لڳڻ سبب نينگر قتل

سنڌي خبرون 04th Dec 2024 262 مناظر
ڪوٽ غلام محمد ويجهو شادي تقريب ۾ فائرنگ،گولي لڳڻ سبب نينگر قتل

ڳوٺ نواب محمد حسين ۾ شادي ڪاڄ دوران خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽر) ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڳوٺ نواب محمد حسين ٽالپر ديھ 297۾ ڀيل برادري جي شادي جي ڪاڄ ۾ اوچتو رائفل جي گولي لڳڻ سبب 12ورھين جو معصوم نينگر راجيش پٽ تيرٿ ڀيل موقعي تي مارجي ويو شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبدل گھر ۾ قھرام، پرڪاش ولد تيجمال ڀيل جي شادي ھئي جنھن جي خوشي ۾ اھو درد ناڪ واقعو پيش آيو پوليس کي واقعي جو اطلاع فوتي نينگر جو لاش تعلقي اسپتال منتقل سندس پي تيرٿ ڀيل جو چوڻ هو ته منھنجي پٽ راجيش ڀيل کي جاميو پٽ ھيمراج ڀيل اڱڻ مٿي گولي ھڻي ماريو آھي آئون انھي جي خلاف ڪارروائي ڪرائيندس.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ