پیر، 19 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارروائي، کير جو ٽينڪر ھٿ

سنڌي خبرون 11th Jan 2024 62 مناظر

شڪارپور ۾ سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڪارروائي، کير جو ٽينڪر ھٿ

شڪارپور ( احسان ابڙو ) سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي پاران شڪارپور ۾ ڪاروائي، نقصانڪار ڪيميڪل تي مشتمل کير جو ٽينڪر هٿ ڪيو ويو هڪ هزار ليٽر کير ضايع، نقصانڪار ڪيميڪل ملايل کير تيار ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪري رهيا آهيون، ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين، تفصيل موجب: سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي شڪارپور جي ٽيم ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين جي هدايتن تي ڪاروائي ڪندي زهريلي ڪيميڪل واري کير سان ڀريل ٽينڪر کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي شڪارپور سعيد ميمڻ پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪاروائي ڪندي شڪارپور جي سمال انڊسٽري سائيٽ ايريا مان خطرناڪ ڪيميڪل ملايل کير جو ٽينڪر هٿ ڪيو. ٽينڪر ۾ نقصانڪار ڪيميڪل ملايل 1000 ليٽر کير ضايع ڪيو ويو. هن چيو ته هن کير ۾ ڊٽرجنٽ به مليل هو، ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل سنڌ فوڊ اٿارٽي آغا فخر حسين چيو آهي ته سنڌ فوڊ اٿارٽي خطرناڪ ڪيميڪل ملايل کير تيار ۽ وڪرو ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪندي. هن چيو ته کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ ڪندڙن کي خبردار ڪيون ٿا ته هو پنهنجي سرگرمين کان پاسو ڪن ٻي صورت ۾ انهن خلاف سنڌ فوڊ اٿارٽي ايڪٽ تحت سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ