ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

بخشاپور: بڊاڻي ويجهو ڦورن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل، وارثن جو ڌرڻو

سنڌي خبرون 03rd May 2023 134 مناظر

ڦورن مزاحمت ڪرڻ تي شاهه ڏنو سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو

بخشاپور: بڊاڻي جي علائقي بچا بند وٽ ڦورن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، وارثن جو انڊس هاءِ وي تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو، ڦورن موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ دوران نوجوان شاهه ڏنو سولنگي کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، مقتول جي وارثن پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين معطل رهي، مظاهرين جو چوڻ هو ته ڦر دوران شاهڏنو سولنگي کي قتل ڪيو ويو، پوليس هن وقت تائين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ