ہفتہ، 17 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز پوليس جي مبينا زيادتين خلاف عورتن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

سنڌي خبرون 23rd May 2023 117 مناظر

ٺاروشاھ جي ٻٻر پاڙي واسڻ گل بانو سولنگي جو پوليس تي سندس مڙس کي گم ڪرڻ جو الزام

نوشهرو فيروز (ڊر) نوشهروفيروز پوليس جي زيادتين خلاف عورتن پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج ڪيو. ٺاروشاھ جي ٻٻر پاڙي جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي نوشهروفيروز پوليس خلاف ٿاڻي ۽ پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي عورت گل بانو سولنگي چيو ته پوليس بنا ڏوهه جي محمد حنيف کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس ظاهر به نه ٿو ڪيو وڃي. ھن چيو ته پوليس بنا جواز چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھر ۾ گھڙي مڙس کي گرفتار ڪري گم ڪيو آھي ۽ پوليس گرفتار مڙس سان ملڻ به نه ٿي ڏئي. اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي اسين مسڪين پورهيت آهيون. ھن چيو ته فوري طور بنا جواز گرفتار حنيف سولنگي کي بازياب ڪرايو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ