اتوار، 18 اکتوبر 2026
بریکنگ

پپري جي رهواسين ۽ جقه جعفري جي اڳواڻن پاران بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو

سنڌي خبرون 29th Jun 2025 359 مناظر
پپري جي رهواسين ۽ جقه جعفري جي اڳواڻن پاران بجلي جي بندش خلاف ڌرڻو
ملير(عبدالرشيد مورجھريو)پپري جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين فقه جعفريه جي اڳواڻن محرم الحرام ۾ بجلي جي بندش خلاف اسٽيل ٽائون ويجھو ڪراچي ٺٽو قومي شاھراھ تي احتجاجي ڌرڻو ھڻي روڊ جا ٻئي پاسا بند ڪري ڇڏيا جنهن سبب روڊن جي ٻنھي ٽريڪن تي گاڏين جون وڏيون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ضلعي انتظاميه اسان کي يقين ڏياريو ھو ته محرم الحرام ۾ بجلي بند نه ڪئي ويندي پر مسلسل بجلي بند رھي ٿي بجلي نه ھئڻ سبب پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي جنهن سبب عزاداري ء مجلسن ۾ به وڏيون ڏکايون پيش اچي رھيون آھن مظاھرين چيو ته جيستائين بجلي بحال نه ڪئي ويندي تيستائين ڌرڻو جاري رھندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ